سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو پهريون/31

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي ادبي تاريخ  (1954)  by محمد صديق ميمڻ
31. متفرقه تصنيفات

(1) ڪتاب شمائل نبوي:
مولوي عبدالسلام جو لکيل آهي. عربيءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي. تصنيف جو سال 1197 هجري آهي. ڪتاب ۾ حضرت پيغمبر ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي صورت ۽ سيرت جو تفصيل وار احوال ڏنل آهي. ڪتاب وڏيءَ تختيءَ تي ليٿو ۾ 296 صفحن ۾ لکيل آهي. سڄو ڪتاب ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ ”آ“ قافيه واري شعر ۾ آهي. سندس ٻولي لاڙي آهي. صورت خطي بہ انهيءَ جهوني زماني جي آهي.

(2) تفسير هاشمي پاره عم:
هي قرآن شريف جو تفسير مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو آهي، جو ابو الحسن واري شعر ۾ لکيل آهي. ڪتاب جا صفحا 503 آهن.

(3) تفسير سوره يوسف:
هي ڪتاب مخدوم عبدالله جو لکيل آهي. مخدوم عبدالله اهو ساڳيو ئي آهي، جو ڪنزالعبرت، قمر المنير، بدر المنير وغيره سنڌي منظوم ڪتابن جو مصنف آهي. هي تفسير اڃان دستخط صورت ۾ آهي ۽ ميان ابو الحسن جي شعر ۾ آهي.

(4) تفسير پاره عم:
مولوي مهرو ولد سرهو ولد موٽيو ويٺل پراڻ نالي عالم سڳوري هي ڪتاب سنه 1206 هجري مطابق 1791ع ۾ تيار ڪيو. مولوي مهرو صاحب بابت وڌيڪ احوال ملي نٿو سگهي، پر ايتري پڪ آهي ته هو لاڙ جو ويٺل ۽ ٺٽي جي ڪنهن عالم وٽ پڙهيو هو، ڇاڪاڻ جو تفسير ۾ سنديس ٻولي اها آهي جا مخدوم محمد هاشم ۽ ٺٽي جي ٻين عالمن ڪم آندي آهي. قرآن شريف جي سمجهاڻي مولوي ابو الحسن جي سنڌي شعر ۾ بلڪل وضاحت سان ڏني اٿس. ڪتاب جا صفحا 574 آهن ۽ ليٿو ۾ ڇاپيل آهي.

(5) حصص الاموال و بخل الاموال.
مولوي علي اڪبر صاحب سنڌي نظم حصص الاموال و بخل الاموال نالي ڪتاب هجري 1162 مطابق 1798ع ۾ ٺاهيو آهي. مولوي صاحب ڪٿي جو ويٺل هو، سا خبر پئجي نہ ٿي سگهجي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ ”زڪوات“ جا شرط ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن. جدا جدا قسم جي ملڪيت تي ڪهڙي حساب چڱيءَ طرح سمجهايل آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ”فطره“ جا شرط ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن. بخل الاموال واري ڀاڱي ۾ ”زڪوات“ ۽ ٻي ”خيرات“ نہ ڏيندڙ جي باب ۾ جيڪي قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون آهن. سي ڏيئي هدايت ڪري ٿو، ته بخل يا ڪنجو سائي بلڪل نہ ڪرڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ ڪل چوهٺ صفحا آهن ۽ ڪتاب ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ ڇاپيل آهي. سندس ڏوهيڙا باقافيه آهن.

(6) روضہ الشهداءِ سنڌي:
مولوي احمد مرحوم پارسي روضہ الشهداءِ تان، جو پارسي نثر ۾ ملان حسين ڪاشفيءَ جو ٺاهيل آهي، سنڌي ڏوهيڙن ۾ ترجمو ڪيو آهي. هجري سنه 1172 مطابق سنه 1798ع ۾. هي ڪتاب ابوالحسن جي سنڌي ۾ ۽ سادن ڏوهيڙن ۾ ٺهيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل ڇهه سؤ ٽيتاليهه صفحا آهن. هن ڪتاب ۾ امام حسن ۽ حضرت امام حسين سڳورن جي مبارڪ زندگي جو احوال ۽ سندن مفصل ذڪر لکيل آهي.

(7) ڪتاب هدات المريدين:
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو پوٽو ۽ مخدوم عبداللطيف جو فرزند هو. مخدوم محمد ابراهيم صاحب هجري سنه 1206 مطابق 1791ع ۾ ڪتاب هدايت المريدين لکيو هو. هن ڪتاب ۾ ڇاونجاه صفحا آهن. مريد کي مرشد جي فرمانبرادري ۾ ڪيتري قدر رهڻ گهرجي، قلب جو ذڪر ڪئن حاصل ڪجي، نفي ۽ اثبات جي سمجهاڻي، تقشبندي طريقي جو سلسلو ۽ خود مصنف جي مرشدن جو سلسلو هن ڪتاب ۾ سمجهايل آهي. ڪتاب ابوالحسن واريءَ سنڌي ۾ ڇاپيل آهي ۽ سڄو ڪتاب فرائض الاسلام ڪتاب وانگر پڪو ڏوهيڙو نہ آهي، پر منجهس جدا جدا قافين وارا ڏوهيڙا پيل آهن.

(8) حڪايت الصالحين:
مولوي ولي محمد مرحوم عربي ڪتاب حڪايت الصالحين سنڌي ڏوهيڙن ۾ هي ڪتاب هجري سنه 1220 برابر 1804ع ۾ لکيو هو. هن ڪتاب ۾ ويهه باب ۽ 578 صفحا آهن. هي هڪڙو اخلاقي ۽ روحاني تعليم جو مجموعه آهي، جنهن ۾ اڳين نبين، حضرت نبي ڪريم عليہ الصلوات والسلام جن جي زماني، اصحابن سڳورن ۽ اوليائن جا نقل ۽ هدايتون ڏنل آهن. خوف خدا، حلال ڪمائي، زهد رياضت، ذڪر فڪر؛ طاقت ۽ عبادت، خدمت خلق، وغيره اعمالن ۽ اخلاقن جا زنده مثال سمجهايل آهن. هي ڪتاب اڳي عالم سڳورا وعظ طرح جماعتن جي اڳيان پڙهندا هئا ۽ مڪتبن ۾ درسي ڪتاب طرح پاڙهيو ويندو هو.