سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/18

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي ادبي تاريخ  (1954)  by محمد صديق ميمڻ
18. آخوند محمد قاسم هالائي (1806 کان 1881ع تائين)

آخوند محمد قاسم ولد آخوند نعمت الله سانوڻي آخوند خليفه گل محمد (گل) جو عزيز هجري سنه 1221 برابر سنه 1806ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو هو. هو عربي ۽ پارسيءَ ۾ نهايت قابل هو. هو پهريائين سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪجهه وقت تپيدار ۽ ڪجهه وقت تعلقه آفيسن ۾ منشي هوندو هو.
موري تعلقه ۾ تپيدار هئڻ ۽ ٽنڊه باگي جي تعلقه آزيس ۾ منشي هئڻ وقت موري ۽ ٽنڊه باگي جي طبعي حالتن بابت هڪڙو مزي جهڙو پارسي قصيدو ٺاهيو هئائين، مفرح القلوب نالي پارسي اخبار جي پراڻن پرچن ۾ موجود آهي.
آخوند صاحب جي آزادي پسند طبيعت کان سرڪاري نوڪري جي پابندي سٺي نہ ٿي، تنهن ڪري پينشن جي وقت کان اڳيئي نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪورين جي پڙ ۾ گذاريندو هو.
حيدرآباد ۾ آخوند صاحب وٽ ڪي مسلمان خواه هندو عامل خانگي طرح عربي ۽ پارسيءِ جي تعليم وٺندا هئا. اکرن لکڻ جو آخوند صاحب ڪاتب هوندو هو، تنهنڪري ڪتابن نقل ڪرڻ جو ڪم بہ گهڻو ملندو هوس، جنهن مان چڱي پيدائش هوندي هيس هز هائينس مير حسن علي خان (حسن) وٽ ڪجهه وقت خاص پگهار تي هو ۽ ان کي شعر ۾ درستيون ڪري ڏيندو هو. مير صاحب جي نوڪري بہ جلد ڇڏي ڏنائين، تنهن هوندي بہ مير صاحب جي طرفان ويهه روپيا ماهوار پينشن طور پڇاڙيءَ تائين ملندا رهندا هئس. خيرپور رياست جي والي سر مير علي مراد خان ۽ ان جي خاص عملدارن جي تعريف ۾ قصيدا ٺاهيو موڪليندو هو، بعضي بڙودي، بلرامپور ۽ رتلام جي راجائن ۽ رامپور جي نواب ڏانهن تعريفي قصيدا ٺاهيو موڪليندو هو، جنهن ڪري انهن رياستن مان بہ وقت بہ وقت چڱيون چڱيون بخششون ۽ انعام حاصل ٿيندا هئس. آخوند صاحب جا اهي پارسي قصيدا بہ مفرح القلوب پارسي اخبار جي پراڻن پرچن ۾ موجود آهن.
آخوند محمد قاسم صاحب شروع ۾ شادي ڪئي هئي، پر سندس اها اهليه ترت ئي وفات ڪري ويئي ۽ تنهن کان سواءِ وري شادي نہ ڪيائين، ۽ ساري ڄمار ڇڙهو گذاريائين. گهر ٻار جو ڪو بہ اونو ڪونه هوندو هوس، تنهنڪري خرچڻ کائڻ ۾ تمام فراخدل هوندو هو. مٽن مائٽن سان گهڻو لهه وچڙ ڪونه هوندو هوس، ته بہ بزرگن ۽ عزيزن جي تربتن تي فاتحه خواني جي شوق سان وقت بہ وقت پنهنجي وطن پيو ويندو هو. ”ديوان قاسم“ ۽ هڪڙي هنڌ چوي ٿو ته:
”جي گهرين منجهه آخرت عزت لهان،
پيڙهه هن پهه جي ڌريان ئي ڌار وجهه،
ڪئن وسارين مائٽن جا مقبرا،
هل هتي پڙهه فاتحه ۾ هار وجهه.“
(ديوان قاسم غزل 25 مان)
آخوند محمد قاسم پنجهتر ورهن جي ڄمار ۾ سنه 1881ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس تربت بہ حيدرآباد جي نئين مقام ۾ موجود آهي. آخوند صاحب جي وفات جي تاريخ ميان امام بخش صاحب (خادم) شڪارپوري هن طرح ٺاهي هئي:
”افصح الفصحاء قاسم لئي عيان.
ٿو روئي پڻ نيلگون ڏس آسمان،
جو ٿيو هوندو ميان جو مجلسي،
تنهنکي هوندو اسم انجو ورد جان،
شاعرن سڀني ۾ هو چون تاج و زيب،
ثاني شعرش نديدم در جهان،
ويو ڇڏي فاني سرا کي ڏي بقا،
رب عطا ان کي ڪري خلد جنان،
جنوري جي ارڙهين منگل جو وار،
سال ارڙهين سو اڪاسي هو روان،
عيسوي اهو ٿيو هجري بہ ٻڌ،
سن ٻارهن سئو اٺانوي چوان،
خادما آمين چو ڪر ماٺ هاڻ،
ڪين سگهندين تون ڪري وصفش بيان.“
(اخبار سنڌ سڌار 10 جون 1881ع)
شاعرانه حيثيت ۾ اهو زمانو
آخوند محمد قاسم شروعات کان وٺي رقط پارسي شعر چونود هو. آخوند گل محمد هندي ۽ سنڌي ڪلام چوڻ لاءِ ترغيب ڏيندو هوس، پر خيال ۾ نہ آڻيندو هو. آخر حيدرآباد ۾ اچي رهڻ بعد سيد فاضل شاهه”فاضل“ ئي کيس سنڌي شعر چوڻ ڏانهن راغب ڪيو. جئن آخوند صاحب پاڻ ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ واري پارسي قطعن ۾ چوي ٿو:
1- ”چو در فارسي نغز دائم سخن،
سوء نظم سنڌي خيالم نبود،
ولي سعي فضل شه نيک خو،
به سندهي سخن ميل طبعم فزود.“
2- ”منم گرچه در پارسي چيره دست،
ولي مير فاضل شہ دين پرست،
بتحريک بر نظم سندهي سواد،
بپائي دلم خام سودا شکست“
معنى:- پارسيءَ ۾ آءٌ عجيب ڪلام چيو ڄاڻان ٿو تنهنڪري سنڌي نظم ٺاهڻ ڏانهن مون کي خيال ئي ڪونه ٿيندو هو؛ مگر سائين فاضل شاهه جي ترغيب منهنجو چاهه سنڌي نظم ٺاهڻ ڏانهن وڌايو.
2- پارسي ڪلام چوڻ ۾ جيتوڻيڪ چالاڪ آهيان ته بہ سائين فاضل شاه جي تحريڪ سان سنڌي شعر ٺاهڻ جي سودا منهن جي دل ۾ کپ کوڙي ويهي رهي آهي.
مفرح القلوب نالي هفته وار پارسي اخبار ۾ آخوند محمد قاسم جي پارسي غزلن، قصيدن ۽ مثنوين جي هاڪ هندستان، افغانستان، ايران ۽ بغداد تائين هوندي هئي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ اخبار ۾ انهن ملڪن جي شاعرن جا پارسي ڪلام درج ٿيندا هئا ۽ هو هڪ ٻئي جي ڪلام جو داد ڏيندا هئا.
سنه 1866ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي هڪڙي هفته وار سنڌي اخباري جاري ٿي هئي، تنهن جي هر هڪ پرچي ۾ سنڌ جي شاعرن جا سنڌي شعر درج ٿيندا هئا.
سنڌي موزون ڪلام جي اسرڻ ۽ ترقي لاءِ اهو زمانو تمام چهچٽي وارو هو. ڇاڪاڻ جو جهونن توڙي نون شاعرن جا ڪلام اخبار ۾ بنا اٽڪ شايع پيا ٿيندا هئا ۽ شاعر نهايت فضيلت ۽ سنجيدگيءَ سان هڪ ٻئي جي ڪلام تي نڪته چيني ڪندا هئا ۽ عمدي ڪلام کي بنا بخل داد ڏيندا هئا. انهيءَ زماني ۾ بہ آخوند محمد قاسم جي سنڌي شعر کي سڀئي شاعر داد ڏيندا هئا، جنهن جا ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا.

عبداللطيف ٺٽوي:
قاسم جهو نہ ڄاڻان سگهه سرت جي سڃاڻان،
سوره اڳيانس ساڻان ڪمزور ڪل ڪرارا،
عبدالقادر شڪارپوري (بيدل):
رنگين، چوي ٿو مضمون قاسم ڪلام موزون،
مٽ تنهن سجهي نہ ڪو مون بي حد سندس پسارا،

شمس الدين شڪارپوري (عاصي):
رنگين غزل بنائي قاسم ڇڏيا کپائي،
دنيا مان ويو وڄائي ناموس جا نقارا.

محمد امين شڪارپوري امين:
شعر گوئي ۾ نہ مٽ قاسم جي ڄاڻان ڪو ٻيو،
جو ٿا ڪن ان جي ثنا عرب وعجم يونان ۾.
منشي لڇيرام حيدرآبادي (خفتي):
لک هزارين آفرين قاسم ادا توکي هجي،
نڪته چيني ۾ ختم بيشڪ آهين هشيار تون.
آخوند محمد قاسم پاڻ بہ پنهنجن همعصرن کي ڪشادي دل سان داد ڏيندو هو ۽ سنجيدگيءَ سان انهن تي نطقه چيني ڪندو هو، جنهن جا ٻہ ٽي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
اسلم شڪارپوري کي:
”هڪ غزل اخبار نالي سنڌ سڌار،
منجهه ڏٺم وه وه غزل سالم صفا.
جو چيو اسلم ته عالم جي مٿس،
آفرين صد آفرين جس جس سدا.
هوش حيرت ۾ پيو ڏانهس ڏسي،
ڇا سندس مضمون معنى مغز ڇا.
”سرڪيان“ جو لفظ اسلم جو چيو،
آهه سونا مصطلخ ۽ ناروا.“
(ديوان قاسم غزل 5)

محڪم الدين (محڪم)کي:
”سخن محڪم الدين محڪم چوي ٿو،
منجهس چاه چس سان چڱيري چٽائي،
ملاحت سندي معرڪي ۾ مڪرر،
الهه کان اٿس سوڀ البت عطائي.“
(ديوان قاسم 116)

ڪمال الدين (مست) کي:
”چيو مست مرغوب موزون غزل،
سو منجهه علم اعلى اُتم ٿو ڏسان.“

ميرزا عباس (خورشيد) کي:
”تڏهن منجهان سڀ وڃائي تعصب،
چوان چست چالاڪ ٿي هي چڱائي،
ته عباس خورشيد جنهن جو تخلص،
ڌري جئن ڇڏي ڇوه تابش تکائي،
سندي مشڪ خوشبو عيان خوءِ ٿي جا،
نه عطار جي ساک آهي سجائي.“
(ديوان قاسم غزل 116)

لطف الله (لطيف) کي تنبيهه:
”ڪڏهن ڪئن هڻي ”طفل“ دم شاعري جو
ته ڦلهار ۾ ڦوڪ ان لئي ڦڪائي.“
(ديوان قاسم غزل 117)
آخوند محمد قاسم جي زماني وارو چهچٽو ۽ ڇنڊ ڇاڻ ان وقت کان وٺي اڄ تائين اخبارن جي وسيلي ٿيندي آئي آهي، ڪنهن وقت سرس ته ڪنهن وقت گهٽ؛ مگر اڄوڪي اخباري غزل بازيءَ ۾ اها بردباري ۽ سنجيدگي ڪانهي، جا اڳ هئي.
آخوند محمد قاسم جي ڪلام ۾ خصوصيتون ۽ ايجادون:
1- شاهه ڀٽائي کان وٺي آخوند گل محمد تائين شاعرن سنڌي ڪلام ۾ پنهنجون ٺاهيل عربي مصرعون ڪم نہ آنديون آهن. پر قرآن شريف جون آيتون، حديثون ۽ عربي مقولا فقط حوالي طور ڪم آندا اٿن. آخوند قاسم پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي ڪلام ۾ پنهنجون ٺاهيل موزون مصرعون ڪتب آنديون آهن، ڪٿي ڪٿي ته ساري غزل ۾ اڌ جيتريون مصرعون عربي ڪم آنديون اٿس:
(1) ٿي چيم ڪالهه رات منجهه پرڀات،
ربنا عافنا عن العاهات.
(2) رب سندي ڊاءِ کان ڊڄي چئجي،
نجنا من صعبة الافات.
(3) دل سنديم درد ۾ رهي دمدم،
حصلت حصہ من البرڪات.
(4) جنهن ڪئي بندگي بجا بيحد،
فهو قد فاز اعظم الدرجات.
(5) جنهن ڪڍيو غير قلب مان قاسم،
قدنجا من اِها نہ العرصات.
(ديوان قاسم غزل 13)
2- اڳين شاعرن مان فقط سيد ثابت علي شاهه پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي پارسي مصرعون يا تڪون ڪم آنديون آهن، مگر آخوند قاسم ته غزلن جا غزل پارسي مصرعن سان ڀري ڇڏيا آهن.
مثال:
”علم سک علم ري نہ ٻي ڪار،
تان لهين عز علم جي پرڪار.
(6) سخن بس که حکم حکمت يافت،
هزل بگذار وجدل زو بردار.
علم ري آدمي گڏهه گمراه،
جاهلن گڏ گهڙي بہ ڪيم گذار.
(7) حرف ما گوش کن که حرفه بري،
سعي در کسب علم کن بسيار.
آڳ ۾ عشق ايزدي جي روح،
تن رپي جئن رجاءَ آٽ اچار.
(8) بهر تهذيب و خوبي اخلاق،
پند مان بشنو و بهانه ميار.
هوت ڏي هل دلئون ڌيان ڌي،
ڪيم قاسم ڪڏهن پرج ٻئي پار.
(ديوان قاسم غزل 40)
3- آخوند قاسم جي ديوان ۾ هيءَ بہ خصوصيت آهي جو نج سنڌي لفطن وارن قافين ڪم آڻن وقت آخوند گل وانگر مونجهاري جهڙا يا جڙتو لفظ ڪم نہ آندا اٿس.
4- سنڌي موزون ڪلام ۾ قصيدا، ترجيح بند اوائل ۾ آخوند قاسم ايجاد ڪيا.
5- ڪلام کي جدا جدا صنعتن سان سينگارڻ جي ڪوشش ۾ پهريائين آخوند قاسم ڪئي. انهيءَ ڪري پنهنجي ديوان جو ٻيو نالو رکيو هئائين بحرالصنائع يعني ”صنعتن جو سمنڊ“ جئن ته ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ وارن قطعن ۾ هڪڙي هنڌ پاڻ ٿو چوي:
”همچونام خود بوي“”ديوان قاسم“ داده نام،
در ميان خلق او را شهره دادن خواستم.
نيز هم ”بحر الصنائع“ نام کردم بهر آن،
زانکه سرتاپش در هر گونه صنع آراستم.“
معنى:” پنهنجي نالي وانگر هن ڪتاب کي بہ ”ديوان قاسم“ نالو ڏنو اٿم، جو ان کي خلق ۾ مشهور ڪرڻ جي مرضي اٿم، انهيءَ ڪتاب لاءِ ”بحر الصنائع“ نالو بہ مقرر ڪيو اٿم. ڇاڪاڻ جو ان کي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين هر قسم جي صنعتن سان سينگاريو اٿم.“ صنعت توشيح (يڪ اسمي خواه دو اسمي) ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ئي صنعتون سنڌي ڪلام ۾ پهريائين پهريائين آخوند قاسم ڪم آنديون هيون.
6- مسلمان شاعرن ۾ فقط آخوند قاسم مرحوم ئي آهي، جنهن نفسياتي طاقتن جا سنسڪرت نالا (ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه، اهنڪار) پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن.
آخوند قاسم جو ڪلام
آخوند قاسم جو پارسي ڪلام ته تمام گهڻو موجود آهي پر سنڌي ڪلام آن بہ نسبت ٿورو آهي، جو ”ديوان قاسم“ ۾ سمايل آهي، آخوند صاحب، فاضل شاه جي ترغيب ڏيارڻ تي ڪي مولود ۽ ڪافيون بہ ٺاهيون هيون، جن مان فقط هڪڙو مولود شريف برڪت طرح ”ديوان قاسم“ جي پڇاڙيءَ ۾ داخل ٿيل آهي، باقي ٻين مولودن ۽ ڪافين بابت پاڻ لکي ٿو، ته ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جي طرفان ”ديوان قاسم“ تيار ڪري ڏيڻ لاءِ تڪڙي طلب ٿي، تنهنڪري اهي ”ديوان“ ۾ لکي نہ سگهيس:
”ڪئين وتم ڪافيون سنديم آهن اپر،
ناه فرصت لئي لکڻ، ”ديوان“ ۾.
ڇو ته ٿيو ويلو ڪميٽي ويجهڙو،
ڪئن لکڻ سگهجين اسرع آن ۾؟“
(ديوان قاسم قطعہ 159)
افسوس! جو آخوند صاحب وارا ٺاهيل مولود شريف ۽ ڪافيون هينئر هٿ اچيو نٿا سگهن. تنهن کان سواءِ فاضل شاهه لٽريچر ڪميٽي جي ڇاپايل ڪتاب ”چونڊ ڪافيون“ ۾ آخوند قاسم جون ٻہ ٽي ڪافيون ڏنيون آهن. ساڳي ڪتاب ۾ فاضل شاهه لکيو آهي، ته آخوند قاسم جو ٺاهيل ”قاسم نامو“ سنڌي نظم ۾ موجود آهي، پر اهو ”قاسم نامو“ بہ ”ديوان قاسم“ 1875ع ۾ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي منظور ڪري ”ليٿو“ ۾ ڇاپائي آخوند صاحب کي حق تصنيف ڏياريو هو. ”ديوان قاسم“ جي ڇاپجڻ کان پوءِ بہ ڇهه ورهه آخوند صاحب حيات هو؛ انهيءَ عرصي ۾ بہ سندس پارسي خواه سنڌي ڪلام اخبارن ۾ شايع ٿيو هو، جو موجود آهي. لٽريچر ڪميٽيءَ جي ڇاپايل ”ديوان قاسم“ ۾ ڇاپي جون چُڪون تمام گهڻيون آهن، انهيءَ ڇاپي ۾ وڏي بي ترتيبي هيءَ آهي، جو ڪن غزلن تي نمبر لڳل آهن ته ڪي غزل وري بنا نمبر جاءِ بجاءِلکيل آهن. تنهن کان سواءِ غزل، قصيدا، فرد، قطعا، مثنويون وغيره سڀ ساڳئي جريان نمبر سان شروع ڪرڻ کپي ها. اهو ”ديوان قاسم“ ۽ ”ديوان فاضل“ سان گڏ گهڻو وقت بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ درسي ڪتاب طور منظور ڪري انگريزي ڪلاسن ۾ هلايو هو. هينئر اهو ڇاپو ڪامياب آهي.
شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب ”ديوان قاسم“ جي نئين ڪاپي تيار ڪري ويو هو (معنائن ۽ مختصر نوٽن سان)، جا ويجهڙائيءَ ۾ سندن فرزند ڇاپائي پڌري ڪئي آهي. انهيءَ نئين ڪاپي ۾ اصلوڪي ڇاپيل ڪاپيءَ وارا ڊٺل ڦٽل لفظ برابر درست ڪيا ويا آهن، مگر جيڪي عربي ۽ پارسي مصرعون اصلوڪي ڪاپيءَ ۾ اڌو گابريون ڇاپيل آهن، سي هن نئين ڪاپيءَ ۾ بہ ائين جو ائين اڌو گابريون رهيل آهن.
نئين ڪاپيءَ ۾ سڀني غزلن تي ساري سنڀاري نمبر هنيا ويا آهن. پر قصيدن تي بہ غزل نالو لکي ساڳئي جريان نمبر ۾ ڏنا ويا آهن. مگر افسوس جو انهيءَ نئين ڪاپيءَ ۾ وري آخوند صاحب جو متفرقه ڪلام (فرد، قطعا، مثنويون، مخمس، ترجيح بند وغيره) داخل ئي نہ ڪيا ويا آهن. نئين ڪاپيءَ ۾ انهن جي داخل نہ ٿيڻ ڪري اهي سڀ چيدا ڪلام سنڌي لٽريچر مان هميشه لاءِ گم ٿي وڃڻا آهن. ”ديوان قاسم“ جي صحيح، مڪمل ۽ باترتيب نسخہ تيار ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي.

(2) مضمون:
ساقي، شراب، جام، زلف، خط، خال، سرو، گل، بلبل، نرگس ۽ لاله وارو اڌارو مضمون ديوان قاسم ۾ پوين شاعرن جي ڪلام بہ نسبت تمام ٿورو آهي. آخوند صاحب پنهنجي ذاتي حالت ۽ ذاتي جذبا ۽ خيال پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن. ٻين شاعرن وارا مضمون پنهجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ کي آخوند صاحب وڏو عيب سمجهندو هو. جئن فرمائي ٿو:
”معرڪي معيوب آهن ڪل مضامين مستعار،
منجهه مضامين مجدد مرد وس مقدور جو.“
(ديوان قاسم غ 97)
آخوند قاسم جي سنڌي ڪلام ۾ نڪو فطرت نگاري ۽ سيرت نگاريءَ وارو مضمون آهي، نڪو هجويه ۽ مذاقيه مضمون آهي. ساري ”ديوان قاسم“ ۾ ڪٿي بہ ڪنهن قدرتي نظاري جو ذڪر ڪيل ڪونهي، نڪو ڪنهن مرد يا زال جو قصو يا آکاڻي ڏنل آهي، جنهن مان سيرت نگاريءَ جي قابليت جي خبر پوي. گلا ۽ کل چرچي جهڙي ڪلام کان آخوند صاحب کي نفرت هوندي هئي، جئن فرمايو اٿس:
”قاسم ڪائي ڪرم اجائي
روءِ ريائي تات پرائي،
ڳالهه اها ئي سڻ سک سائي،
چال چڱائي مهر مدارا.“
(غ 3)
”رب سندي ذمه ۾ ره اي دل
ٻي سڀئي سمجهه ڌوڙ ڇائي ڳالهه.“
”ڳالهه ڪنهنجي ڪرين ته سهڻي ڪر،
ڇو گلا سان گڏين پرائي ڳالهه.“
(غ 82)
انهيءَ ڪري ”ديوان قاسم“ ۾ فقط صوفيانه مضمون، اخلاقي مضمون ۽ عاشقانه مضمون آهي.

(1) صوفيانه مضمون:
صوفيانه خيال ۽ تصوف جا اصول جئن قديم وقت کان وٺي سنڌ جا بزرگ شاعر پنهنجن ڪلامن ۾ بيان ڪندا آهن، تئن آخوند قاسم بہ پنهنجي ڪلام ۾ ظاهر ڪيا آهن، مثال:

1- حقيقي عشق:
1- ”آءُ اي دل عشق ۾ الله جي،
نرت نوڙت رک نہ ڪر ڪنهن سان نفاق.“
(غ 68)
2- ”رب جي رمز ۾ رهي اي دل،
ٻي سڀئي سمجهه ڌوڙ ڇائي ڳالهه.“
(غ 83)
3- ”ويسلو رهه ڪيم هت
هت نيٺ ايندءِ ڪم خدا،
خوف رک ڊڄ کان خدا،
ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.“
(غ 85)
2- نقي ۽ اثبات:
”سناسي سير ڪر منجهه نفي اثبات،
انهن جو پنٿ آهي نت نيارو.“
(غ 98)
عشق حضرت نبي ڪريم صلعم:
”چلي چم دل ڏئي دلدار جي چانٺ،
سڄڻ صحبت سٺي سردار جي چانٺ،
زيارت ذوق سان ڪر تن، جو آهي،
چڱي چوکي مٺي مختار جي چانٺ،
مبارڪ لاءِ مشتاقن اپر آهه،
سڌار سرور هنئين جي هار جي چانٺ.
(غ 17)

عشق اصحاب:
”پڻ سندس اصحاب افضل چست چوکا چار يار،
جن ڪيو سر ساهه صدقو مير مرسل تان سدا.“
(غ 1)

اهل بيت اطهر:
”پنجتن سي پاڪ پارس عز ان جو رب ڪيو،
آخرت ۾ آهه آخر مرتبو جن جو جهجهو،
اڳ ۾ احمد پس علي دان پس حسن زان پس حسين
فاطمہ بنت النبي پس پاڪ دامن پاڪ روَ.“
(مولود 157)

اخلاقي يا ناصحانه مضمون:
”ديوان قاسم“ ۾ اخلاقي يا ناصحانه مضمون تي خاص طرح زور رکيل آهي. سڄي ديوان قاسم ۾ ڏهه آنا اخلاقي مضمون آهي باقي ڇهه آنا صوفيانه ۽ عاشقانه مضمون آهي. اخلاقي يا ناصحانه مضمون جا ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا.

شريعت تي هلڻ جو تاڪيد:
”رهن صاف سالڪ ديانت درون،
لهم مايشائون مايشتهون،
سڃاڻن شريعت سندي شان کي،
عجب خادم الشرع خير القرون.
وٺي واٽ مرسل محمد سندي،
اولئک باثار لاءِ مقتدون.“
(غ 87)

علم پرائڻ:
”علم سک علم ري نہ ڪر ٻي ڪار،
تان لهين عز علم جي پرڪار،
علم ري آدمي گڏهه گمراهه،
جاهلن گڏ گهڙي بہ ڪيم گذار.“
(غ 40)


سچ ۽ کوٽ جي ڀيٽ:
”جي سچا سچ کي سڃاڻن؛ کوٽ ۾ کوٽا رهن،
ڇا پروڙن مان پلائن جي پين ٿا روز رٻ“.
(غ 9)

(3) عبارت ۽ ٻولي

1- گڏ وچڙ ۽ نج سنڌي:
آخوند قاسم جن وارو زمانو عربي ۽ پارسي جي ماهر شاعرن جو زمانو هو، تنهنڪري پنهنجي شعر ۾ زباندانيءَ جي لياقت ۽ علمي مايه ڏيکارڻ انهن لاءِ فطرتي طرح فخر هو.، جئن آخوند صاحب پاڻ فرمائي ٿو:
”قيل ان المرء يعرف علمہ عندالڪلام،
قلت في تحسينہ لابد نظما هؤلاءِ“.
(غزل 108)
معنى: چوڻ ۾ اچي ٿو، ته مرد جو علم بيشڪ ان جي ڪلام مان معلوم ٿيندو آهي: اهڙي علم دوست ڪلام چوندڙ کي آفرين ڏيڻ لاءِ مون کي ضرور نظم ٺاهڻا پيا.“
ستين غزل ۾ عربي ۽ پارسي مصرعون شامل ڪري پڇاڙيءَ ۾ آخوند صاحب پنهنجن هم عصرن کي ساڳئي نموني تي شعر ٺاهڻ لاءِ ترغيب ٿو ڏئي:
”مثال قاسم بنا بنائڻ رکي مضامين رس رسائڻ،
انهيءَ نموني غزل ٺهائڻ جئن چون جس سخن سڌارا.“
(غ 7)
انهن حالتن ڪري آخوند جي ڪلام ۽ خليفه گل جي ڪلام بہ نسبت نج سنڌي عبارت جو انداز گهڻو گهٽ آهي، تنهن هوندي بہ سندس سڀ ڪلام برجستو، جذبي ڀريل ۽ اثرائتو آهي.
مثال:
1- هاءِ هرگز ڪونه ڪو وس آهه هن وهلور جو،
ڪئن تري منجهه سمنڊ اڻ تارو ستايل سور جو؟
تو ڏٺي بي حس حرڪت حال مون مهجور جو،
ڄڻ ڏٺو موسى ڪليم الله، مشعل طور جو،
جنهن مسخر ملڪ معنى سو بصورت في المثل،
ڪوهه فرمان بر رهي خاقان جو فغفور جو،
سنڌ ٻوليءَ ۾ صفا انصاف قاسم ڪيم ڇڏ،
”مست“ جو جوڙيل غزل آهي عجب دستور جو.“
(غزل 96)
2- ”پرت جو پيچ پاڻ پائين ٿو
پوءِ وري محب منهن لڪائين ٿو
ڳالهه ساڻ جا ڳجهي ڳرهيان
سارقيبن سڄڻ سڻائين ٿو.“
چاه چت ۾ چڱو رکي چيٺي
مون سندي ساه ۾ سمائين ٿو
دل ڌتارڻ سندي ڪري دعوا
ناز سان خلق کي نوائين ٿو
هڪ نظر سان هزار حيرت ۾
تن وجهي وس ڪنان وڃائين ٿو
ڇو اسان سان رکين رسڻ جي ريت
هر ڪنهين ساڻ رس رسائين ٿو
منجهه اسان جي اڱڻ اچي اڄ رات
ڀال پنهنجو ڀلا ڀلائين ٿو
من سندي حال ۽ حقيقت جو
هر ڳليءَ ڳوٺ هل هلائين ٿو
ڪيترا عش باز عمر سڄي
رهزنن سان رلي رلائين ٿو
چشم چوري هزار چور ڪيئي
دل لٽڻ لاءِ لوٽ لائين ٿو
قرب جي ڪات سان ڪهي قاسم
مهر جو منهن مٺا مٽائين ٿو.“
(غزل 194)

آخوند قاسم عربي پارسي ٻوليءَ جو شائق هو، ته بہ نج سنڌي لفظ بہ جام ڪم آندا اٿس.
مثال:
1- دانهين سندو اُت داد ڪر
جت سام ناهن تو سوا.“
2- ”بيوهه ڪارڻ واهه ڪر،
لہ ڪارڻي سڌ سار ڪا.“
3- ”عاصين سندي ٿي اوٽ اڙ
آڌار عالم آسرا.“
(غزل 2)

فصاحت ۽ بلاغت:
آخوند قاسم جيتري قدر پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت جي اصولن جي بجاوريءَ بابت دعوى ڪئي آهي. جئن ته فرمائي ٿو:
1- ”آه منهن جو ڪلام قل1 و دل،
عيب واري منجهس نہ آهي آل،
طبع منهنجي ڪڏهن طوالت ۾
ٿي ڪري کان علو اوت اُڇل.
منجهه سخن دستگہ درست ڏني،
آهه مون کي خداءِ عزوجل
انا2 في النظم مفخر الفصحاءِ،
ته سخن ۾ سندم نہ ونگ نہ ول.
دوست منهنجا سخن سڻي خوش ٿين،
دزد دشمن ڇڏين کاڻا کل،
ڪوهه قاسم سندءِ ڪلام ڏسي،
هون حاسد سندي جگر ۾ جل.“
(غزل 80)

بيشڪ آخوند قاسم سنڌي موزون ڪلام ۾ جهڙا عربي ۽ پارسي زبان مان نقل ڪيل استعارا تشبيهون؛ ڪنايا، اصطلاح ۽ پهاڪا جام ڪم آندا آهن. تهڙائي نج سنڌي استعارا؛ تشبيهون وغيره. صنعتون بہ لفظي خواه معنوي اهڙيون اهڙيون ڪم آنديون اٿس، جي کانئس اڳ وارن شاعرن مان ڪنهن بہ ڪم نہ آنديون آهن.

1- شعر جو قسم:
علم عروض جي اصول موجب جيڪي شعر جا قسم ٺهن ٿا، تن مان هيٺيان قسم ”ديوان قاسم“ اصلوڪي نسخي ۾ موجود آهن: 1- غزل، 2- مستزاد، 3- قصيدو، 4- مثنوي، 5- ترجيع بند، 6- مخمس، 7- فرد، 8- بيت، 9- قطعہ ۽ 10- رباعي.
”ديوان قاسم“ جي پڇاڙي ۾ جملي يارهن رباعيون (سنڌي خواه پارسي) آهن، پر اهي سڀ بي قاعدي آهن.
اوائل وارن موزون ڪلام چوندڙ بزرگ شاعرن ”رباعي“ جي فقط لفظي معنى ورتي آهي يعني چئن مصرعن وارو شعر، جنهن ۾ پهرين؛ ٻي ۽ چوٿين مصرعه پاڻ ۾ هم قافيه هجن، مگر ”رباعي“ جي صحيح وصف اها نہ آهي. اصل ۾ عرب شاعرن وٽ رباعي ٺاهڻ جو رواج ئي ڪونه هو. اهو شعر جو قسم ايران جي شاعرن جو ايجاد ڪيل آهي، جن علم عروض موجب ”رباعي“ جي هيءَ وصف مقرر ڪري ڇڏي آهي.
”رباعي“ اهو چئن مصرعن وارو نظم آهي، جو ”بحر هزج“ مان خاص طرح ايجاد ڪيلن چوويهن بحرن مان ڪنهن بہ بحر تي ٺاهيو وڃي ۽ سندس پهرين، ٻي ۽ چوٿين مصرعه پاڻ ۾ هم قافيه رکيون وڃن. انهن چوويهن بحرن کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ بحر تي رباعي ٺاهڻ ناجائز ۽ بي قاعدي آهي.“
”بحر هزج“ جي رڪن ”مفاعيلن“ ۾ نو ”زحاف“ (مٽائون سٽائون) ڪم آڻي. ان مان ڪل نو رڪن ٺاهيا اٿن. 1- مفعول (اخرب)، 2- مفعولن (اخرم)، 3- مفاعيل (مڪفوف)، 4- مفاعلن (مقبوض)، 5- فاعلن (اشتر)، 6- فعول (اهتم)، 7- فعل (مجبوب)، 8- فاع (ازل)، 9- فع (ابتر)، انهن نون رڪنن کي جدا جدا ترتيب سان ملائي ڪل چوويهه بحر ٺاهيا اٿن. فقط انهن خاص چوويهن بحرن مان ڪنهن بہ هڪڙي بحر ۾ ”رباعي“ جي هر مصرع انهن چوويهن بحرن مان ڪنهن تي بہ قائم رکڻي آهي.
آخوند قاسم انهن بحرن تي رباعيون ٺاهيون آهن، جن تي عام طرح غزل، فرد، بيت، قطعہ، وغيره ٺاهبا آهن. مثال:
1- ”زماني جي دورنگي آه دستور،
سندي ان چش چکي مکه جئن مٿي چور،
رکي کان قرب رب جو دور دل کي.
ڪرين تون مجتمع ڇو مال موفور.“
2- ”ڪئين ڪيا ڪڪ ڪئن دريا منجهه دوڌ.
لوڀ اهنڪار، موه ڪام، ڪروڌ
سيل ۽ سانت کي ڇڏي ڇو هئون،
جي چئي ان لڳا پئي تن لوڌ.“
آخوند صاحب جي پهرين رباعي ”بحر هزج مسدس مقصور“ تي ٺهيل آهي ۽ ٻي ”بحر خفيف“ تي. اهڙيءَ طرح ٻيون رباعيون ”بحر رمل مسدس مقصور“،”بحر رمل مثمن محذوف“ ۽ ”بحر تقارب مثمن مقصور“ تي ٺاهيل آهن، جي بحر رباعي ٺاهڻ لاءِ جائز ٺهرايل نہ آهن.
آخوند قاسم، علم موسيقي جي اصول تي بہ ڪافيون ٺاهيون آهن، جن مان ٻہ ڪافيون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون، جي سيد فاضل شاه جي ڪتاب ”چونڊ ڪافين“ مان ڪڍيون ويون آهن.

ڪافي ڏيڍي – سر ڪسوري
(صنعت تشطير)
ڏاڍڙي لائي وئين، ڏاڍڙي لائي وئين
عشق سندي مون کي چات چکائي وئين.
1- آ بره تنهنجي ڪهڙو ڪيئڙو بت بيراڳي
ساڻ سيباڻي تنهنجي صورت ساڳي
فند فڪر سان منهنجي دلڙي ڦسائي وئين.
2- اڻ تڻ لائي تنهنجي عشق اندر ۾
جوش تنهنجو پئڙو جان جگر ۾
درد جي دل ۾ دونهين دکائي وئين
3- ناز نظر تنهن جا بره جا ڀالا
روز چڪن ٿا اي ڦٽ آلا
ديد دکائي منهنجون اکڙيون اڙائي وئين.
4- قاسم ڪيئڙو سر قرباني
جان فدا تو تان جانب جاني
رمز ڏيکاري منهنجو روح ريجهائي وئين.
(2) ڪافي ڏيڍي – سر ڪوهياري
(صنعت تشطير ۽ ذوقافيتين
جيڪا يار کي ٿي ساري
سا ته رات ڏينهن رڙندي
1- جا پنهل کي ٿي پراهين
لڪ لنگهي سا ويندي اوڏانهين
2- باه بره جي جنهن کي ٿي ڀڙڪي
ڪن ڏکن جو تنهن لئي ڪڙڪي
وڃي پار سخن پنهنجا پاري
دلو دوست ڪري ترندي.
3- ريءَ راڻي ٿي مومل ماندي
هردم حسرت ساڻ هيڪاندي
جيڪا گوندر منجهه گذاري
سڪ سي سور سهي سڙندي،
4- مارئي محبت مان ماري
ساري سٿ ٿي سرتين ساري
سا وار وطن ڏي واري
وڃي شال ملير ۾ مرندي.
5- قاسم ڪارڻ يار پيارا
نيڻ کڻي ڪر ڀال ڀلارا
موهيس نيڻ نظاري
ڪين سڄڻ مون کي سرندي.

سيد حيدر شاهه بن سيد اسماعيل شاهه
(1813ع کان 1889ع تائين)
سيد حيدر شاهه بن سيد اسماعيل شاهه تاريخ 27 ربيع الاول 1228 برابر سنه 1813ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڄائو هو. مٽيارين واري مولوي عبدالڪريم وٽ عربي تعليم حاصل ڪئي هئائين. عربي، پارسي، علم جفر ۽ علم نجوم ۾ قابل هو. تعويذ نويسيءَ ۽ وظيفي خواني سندس خاص مشغولي هئي. حيدرآباد توڙي آسپاس جا ڪيترائي خاص عام ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد هوندا هئا. سيد حيدر شاهه علم موسيقيءَ جي اصولن تي شعر چوندو هو. اٺهتر ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 4 رمضان هجري 1306 برابر 1889ع ۾ وفات ڪيائين سندس ڇهه فرزند هئا.
سيد حيدر شاهه جو ڪلام
سيد حيدر شاه ڏوهيڙن جي صورت ۾ ”ليلى مجنون“ ڪتاب ٺاهيو هو جو بمبئي جي ليٿو ڇاپي ۾ ڇاپيل هوندو هو ۽ سنڌ ۾ گهڻي دلچسپيءَ سان پڙهيو ويندو هو. ڪن مڪتبن ۾ اهو ڪتاب درسي ڪتاب طرح بہ پاڙهيو ويندو هو، هن وقت اهو ڪتاب اڻ لڀ آهي.
هن وقت اسان وٽ سيد حيدر شاهه جي فقط هڪ ڪافي موجود آهي، جا ”چونڊ ڪافين“ واري ڪتاب تان ورتل آهي. اها ڪافي هيءَ آهي:
ڪافي ڏيڍ ٺپي
سر جوڳ
1- اڏي ويهج يار ولهيءَ جي جانب جلويدار
دل اندر ديرو.
2- ڪر نہ جاني يار جڏيءَ سان سونهن ڀريا سردار
ڀيرو ڪي ميوو.
3- صدقي توتان سڄڻ سائين دل گهريا دلدار
جگر ۽ جيرو.
4- حيدر شاهه چئي هوت اوهان لئي واٽ وڇايم وار
پاڻ کڻي پيرو.


1 – مختصر ۽ گهڻي معنى وارو. 2- آءُ نظم ٺاهڻ ۾ فصيحن لاءِ فخر آهيان.