زينت/باب تيرهون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
زينت  (1890)  by مرزا قليچ بيگ
باب تيرهون : خانه بربادي

علي رضاجن جي سنڌ مان لڏي وڃن کان پوءِ سرائي فتح محمد خان جي گهر کي گهڻي شڪست پهچي ويئي هئي،. تنهن جا ٻه – ٽي سبب هئا؛ پهرين ته هنن جي اٿ – ويهه جيڪا وڃي رهي هئي، سان علي رضا جن سان ۽ ڪن ٿورن ٻين ماڻهن سان؛ مائٽن ۽ عزيزن سان ته رستو گهڻو ڪري بند ٿي ويو هئن، جيئن اسان مٿي به ڏيکاريو آهي. سو هنن جي وڃڻ ڪري هي ڏاڍا اٻاڻڪا ٿيا. هنن کي اڪيلو ڏسي، سندن عزيز، جي مٿن اڳيئي ڪاوڙيل هئا، سي هنن کي هر طرح ستائڻ لڳا. هڪڙي ڀيري ته ڪوڙي سوڙي معاملي ۾ حامد ۽ سندس ماءُ کي ڪورٽ ۾ به آڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون، جو سندن اڻبڻت ظاهر هئڻ ڪري هو انهيءََ تڪيلف کان ڇٽي ويا، ٻيون ته سندن ايماندار ٻانهي بختاور، علي رضا جن جي وڃڻ کان اٺ – نو مهينا پوءِ مري ويئي هئي، هوءَ مائي شهربانوءَ جي صلاحڪار ۽ مددگار سنگتياڻي هوندي هئي. هن کي ٻانهي نٿي ڄاتائون،پر گهر جو وڏو ڀاتي ڪيو ٿي ڄاتائون. هوءَ سرائيءَ جي اولاد کي پنهنجو اولاد ڄاڻندي هئي، ۽ هو به کيس پنهنجي ماءُ ڪري ڄاڻندا هئا. هنن سان ايتري خاطري هوندي هيس، جو مرڻ مهل به زينت بانوءَ کي ياد ڪيو پئي رنائين، ۽ سڀني کي دعائون ڪندي دم ڏنائين.

هن جي مئي کان پوءِ پوءِ مائي شهربانوءَ هڪڙي پورهيت رکي، پر ڪيڏانهن نمڪ حلال ٻانهي جو منهن، ڪيڏانهن پورهيت جو منهن. سگهوئي هڪڙي ڪڍي ٻي رکيائين، بي ڪڍي ٽين رکيائين. ڪا پاڻيهي ڇڏي هلي ويئي، ڪا گهر جي شيءِ شڪل چورائي ڀڄي ويئي. مطلب ته ٿوري ئي عرصي ۾ هنن وٽ ڪيتريون ئي زالون آيون ويون، پرجا لذت هنن کي اڳي بختاور مان ايندي هئي سا نه آئي.

نڪا وري زينت جي جهڙي ٻي ڌيءَ گهر ۾ هئي، جا هن کي رڌڻ پچائڻ يا ٻئي ڪم ۾ مدد ڏئي، تنهن ڪري مائي شهربانو ويچاري ڏکي ٿي هئي.، پاڻ کان به رڌڻ پچائڻ جو توڙي ٻيو ڪم ڪار نٿي ٿي سگهيس، لاچار ڏکيو سکيو گذران پيئي ڪندي هئي.

ٽيون جنهن ڏک هن کي سڀ کان وڌيڪ ماري وڌو هو، سو وچئون ٻيو هو، اهو هيءُ، ته سندس پٽ حامد، جو اڳي هڪڙو سڌريل ڇوڪرو هوندو هو، سو هاڻي کري ٻهر ٿي پيو هو. علي رضا جو هتي هئڻ هن جي لاءِ وڏي ڳالهه هئي، جو اڪثر هن کي هن جي صحبت ۾ رهڻو ٿيندو هو، گهر ۾ ته هن کي ڀيڻس زينت بانوءَ جهڙو ماڻهو هوندو هو، جنهن سان گڏ پڙهڻو لکڻو ۽ ٻيو اهڙو شغل ڪرڻو ٿيندو هوس، ۽ ٻاهر شهر ۾ علي رضا وٽ ويندو هو ۽ هو وٽس ايندو هو، ۽ هن جي معرفت چڱن چڱن ماڻهن وٽ اچ وڃ هيس، تنهن ڪري پاڻ به سڌري پيو هو. پر هن کي شڪار جو شوق اچي ٿيو، انهيءَ چوس تي هي پلٽڻ جي سپاهين سان واقف ٿيو، تن سان گڏ اڪثر آچر جي ڏينهن شڪار تي پيو ويندو هو. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري پاڻ به بندوق هٿ ڪيائين، ۽ هنن جو پڪو سنگتي ٿي ويو. اهو آچر جو ڏينهن ئي ڪونه ٿي آيو، جو هن ٻاهر نٿي گذاريو.

انهن سنگتين جي معرفت هن کي ٻين لچن سان گڏ اٿڻو ويهڻو پيو، سگهوئي حقو پيئڻ سکيو[1] . پهرين لڪي لڪي ڇڪيندو هو، پوءِ ته هڪڙو خلاصو حقو گهر ۾ جوڙي رکيائين.تنهن کان پوءِ چرس پيئڻ ۾ پيو. سگهوئي انهيءَ جي پٺيان ڀنگ جو سواد وٺڻ لڳو ۽ اوبر سوبر جو چڪو پي پي اچي ٻانڌاڻي ٿيو، ۽ ڏهاڻي پنهنجي ڀنگ گهوٽيندو هو، يا ڪو اوتارو ۽ دائرو چتائيندو هو.

اتي وڃڻ مان وري نون نون سنگتين جو واقف ٿيو، انهن سان گڏ ڳائڻ وڄائڻ جو شوق جاڳيس. ڪافيون ۽ راڳ پيو ٻڌندو هو. گهر ۾ پنهنجو يڪتارو ٺاهي رکيائين، رات جو پيو اها وندر ڪندو هو. انهيءَ شغل مان ڦري وري رنن جي صحبت پيدا ٿيس، پهريائين پلٽڻ جي سپاهين ۽ ٻين سان ڪڃرين ۽ رنگيلين جي حاضري ڀرڻ لڳو، پوءِ ٿورو ٿورو ٿي اچي رنڊيبازيءَ جي عادت پيس، سونه ڪاري ڇٽي، نه ڪمري ڇٽي. ڳچ وقت تائين ٻاهر جو ٻاهر اهو ڌنڌو هلائيندو هو، پوءِ ته نيٺ هڪڙي مهاڻي وٺي آڻي ويهاريائين، رات ڏينهن انهيءَ سان خوش رهندو هو.

مطلب ته علي رضا جي بمبئيءَ لڏي وڃن کان پوءِ ورهيه – ٻن جي اندر هن جي حالت ئي ڦري ويئي، جهڙو اڳي چڱو هو، اهڙو هاڻ بڇڙو ٿيو، هن کي منع ڪرڻ وارو ٻيو ڪو وڏو مائٽ ڪونه هو، رڳي ماءُ هئي، تنهن جي هن به پرواهه ڪانه رکي. هوءَ ويچاري گهڻوئي چوندي هيس، رئندي پٽيندي هئي، پر هو ليکيندو به ڪين هوس. نڪو وري هنن جو ٻيو ڪو وڏو هو جو هن کي سمجهائي، جيڪي دشمن هئن سي ته پاڻ هنن جي خراب حالت ڏ سي حسد کان خوش ٿيندا هئا.

اهڙن ڪنن ڪمن ڪري حامد ۾ پڙهڻ لکڻ جو شوق گهٽبو ويو ۽ لچائيءَ جو خيال وڌندو ويو. اسڪول ۾ هي چڙهي چڙهي اچي مٿئين درجي کي پهتو هو، سو هاڻ پٺتي پوڻ لڳو. ماستر سندس ڪم کان ناراض رهيا ۽ مٿس ڪاوڙ ڪرڻ لڳا. ڪي ڏينهن ته هي اسڪول جي وڃڻ کان پيو گسائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن بيماريءَ جي عذر تي غير حاضر رهي، پنهنجي منهن يا پنهنجن سنگتين سان پيو گذاريندو هو، جي ڪو جهڙالو ڏينهن آيو ته اسڪول کان رهي پوندو هو؛ ۽ سنگتين سان باغن ۾ وڃي پيالا پاڻي ڪندو هو. نيٺ ٿورو ٿورو ڪري اسڪول به ڇڏي ڏنائين.

اهڙن ڪمن ۾ جيڪو لڳندو آهي تنهن کي پئسي جي تهڍ گهرج ضرور ٿيني آحي. ماڻس کي جيڪا پينشن ملندي هئي، سا هنن جي لاءِ ٿورينه هوندي هئي. ٻيوته سرائي فتح محمد خان جي پوري بندوبست ڪري هي قرض کان به ڇٽل هئا، تنهنڪري هنن جي حالت پاڙي وارن کان بهتر هلندي آئي، جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، جيڪي ٿورو گهڻو گڏ ڪيو هئائو، تنهن ۾ پريندي ئي حامد آڻي هٿ ڳنڍيا. ماڻس کي سندس شاديءَ جي ڳڻتي هئي؛ انهيءَ لاءِ پئي پئسو – پنجڙ ڇل ڇتر گڏ ڪندي هئي، سو به هاڻ هن جي هٿ ۾ آيو ۽ انهيءَ تي پنهنجو حق ڄاڻي، کپائڻ لڳو. رنڊيبازيءَ ۾ توڙي سنگتين جي پيالي پاڻيِءَ ۾ هن جي ضرورت وڌي ته قرض کڻڻ لڳو؛ پينشن وٺڻ لاءِ ماءُ جي پاران آفيس ڏي هي پاڻ ويندو هو، سو اڌ ٻاهران کائي، کپائي باقي آڻي ماءُ کي ڏيندو هو. هوءَ گهڻيون دانهون ڪندي هئي، پر سندس وس ڪونه ٿي هليو.

نيٺ جڏهن انهيءَ رستي به پورت ڪانه ٿيس، تڏهن ڪنهن نوڪريءَ جي ڳولا ۾ رهيو. جهڙا افعال هئس، تن ۾ ٻي ڀلا ڪهڙي نوڪري هن کي ملي! پوليس کاتي ۾ گهڙڻ جي خواهش ڪيائين، جو اها نوڪري سندس ڀيت تي هئي. هن ڄاتو ته ڳاڙهو پٽڪو ٻڌي، ترار چيلهه سان ٻڌي حڪم هلائيندو وتندس ۽ مزي مزي جي جاين تي گهمندو وتندس.[2] سکر ماڻهوءَ جو اولاد هو، تنهنڪري هن کي هڪڙي جاءِ جمعداريءَ جي پندرهن روپين پگهار واري ملي ويئي، سو هاڻي پنهنجي پئسي وارو به ٿيو، ٻي مدد ماءُ جي پئسن جي به سجهيس ٿي. رن ته اڳيئي گهر ۾ آڻي ويهاري هئائين، جا پريندي نٿي آئي ۽ چيائين ٿي ته ”مون کي نڪاح ڪري گهر ويهارين ته ويهنديس، نه ته ائين هلي بند ۾ ڪين پونديس.“ انهيءَ ڪري هن کي لاچار ٿيو، پنج روپيا خرچي، مُلي کان ظاهر ظهور نڪاح پڙهائي، سنگتين ۾ کارڪون ورهائي، آڻي گهر ويهاريو هئائينس، جا هينئر ڪپڙا گنديون ۽ ڳهه ڳٺا گهرڻ لڳي، تنهن جي پورائي پيو ڪندو هو. هن رن کي ڪا هن سان محبت ڪانه هئي. هن کي هو ڦڙڻو کائڻو، جو ڄاڻندي هئي ته ڦري کائي هڪڙي ڏينهن هلي وينديس.

هي نئون ڀاتي جو گهر ۾ آيو، تنهنڪري مائي شهربانو ويچاريءَ جو بڇڙو حال ٿيو، جو هوءَ اچي مالڪياڻي ٿي ويٺي. هن جي جا ساڻس نه پيئي، تنهنڪري سنجهه- صبح جهيڙا ٿيڻ لڳا. مهاڻي، حامد وٽ ماڻس تي چغليون هڻڻ لڳي، جنهن تي حامد اويل سويل ماءُ سان معاملا ڪرڻ لڳو ۽ اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳو. ويچاري مائي شهربانو گذريل ڏينهن ياد ڪيو ۽ پٽ جو هاڻوڪو حال ڏسي رت پئي روئندي هئي. نڪي نڪري ڪنهن ٻي پاسي وڃي سگهندي هئي؛ لاچار سوس پيو پيئي گذاريندي هئي.

حامد عليءَ جو ۽ سرائي فتح خان جي گهر جو اهو حال هو، جو علي رضا جن بمبئيءَ کان موٽي آيا. آئي کان پوءِ سگهوئي هنن کي معلوم ٿيو ته حامد جو تمام خراب حال آهي ۽ مائي شهربانو ڏاڍي ڏکي آهي. هنن جي اچڻ ڪري انهي ويچاريءَ جي هانو تي وڏو ڇنڊُ پيو، جو ڄاتائين ٿي ته منهنجي ڌيءَ اگرچه هاڻي ڌارين آهي، پر وري به اولاد آهي ۽ صالح ته آهي ۽ علي رضا کي به پٽ وانگي ڄاڻندي هئي ۽ سندس صحبت ۾ حامد جي وري به سڌرڻ جي اميد هيس. پر هنن جي اچڻ ڪري حامد کي ڪا گهڻي خوشي ڪانه ٿي. بڇڙائي هن جي دل تي ايترو اثر ڪري ويئي هئي، جو جنهن صحبت مان اڳي هن کي لذت ايندي هئي،تنهن کي هي هينئر ڌڪارڻ لڳو؛ تنهن ڪري اها اڳوڻي آمد رفت ڇڏي ڏني هئائين. وري پنهنجي نوڪريءَ ۾ به قابو هو. نڪي حقيقت ڪري هاڻي خود علي رضا جي مرضي هئي ته ههڙو ماڻهو سندس گهر ۾ آمد رفت ڪري. پنهنجيءَ زال کي به علي رضا هن جي گهر ڏي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جو هينئر سرائي فتح خان جو گهر نه هو، حامد ۽مهاڻيءَ جو گهر هو. مائي شهربانوءَ کي هنن سان ملڻ جي خواهش ٿيندي هئي، ته اچي وٽانئن ٿي ويندي هئي. هوءَ جيڪر علي رضا جن وٽ ويهي رهي ها، پر ڄاتائين ته ماڻهو کلندا ۽ چوندا ته مڙس جا ڪک ڇڏي، ناٺيءَ جي در تي وڃي ڪري آهي؛ تنهن ڪري جيتوڻيڪ علي رضا انهيءَ لاءِ زور به ڪندو هوس، ته به هوءَ پئي نٽائيندي هئي.

علي رضا جن جي آئي کي ڇهه مهينا مس گذريا ته حامد علي، جو هينئر پوليس جي نوڪريءَ ۾ هو، سو اچي ڪنهن معامل ۾ ڦاٿو؛ سندس حد ۾ هڪڙو خون ٿيو. ڪنهن شاهوڪار جي گهر کي رات جو کاٽ لڳو؛ ٽي – چار چور هئا، جي کاٽ هڻي اندر ويا ۽ قريباََ ٽن هزارن رپين جيترو مال، زيور ۽ زريءَ جا ڪپڙا ۽ نقدي چوري ڪري کنيائون، نڪرڻ مهل گهر جو مالڪ جاڳيو، شاهوڪار کي ڌڪ هڻي ماري وڌائون ۽ پٽس کي ڦٽي ڇڏيائون ۽ پاڻ مال سوڌو ڀڄي ويا.

ڳولا ڦولا ۽ تپاس هلي، ڪن ڏينهن تائين ڪوبه پتو ڪونه پيو. پوليس جا وڏا عملدار انهيءَ جاچ ۾ هئا ۽ جاسوس ڦٽا ڪيل هئا، آخر شهر کان ٻاهر ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ وٽ چوريءَ واري مال مان ڪا شيءِ ڏسي، شڪ – چوريءَ ۾ جهليائون. جاچ ڪرڻ سان مالڪ جي پٽ اها شيءِ سڃاتي. هن کي پڪڙيائون. پوليس جي اک ڏيکارڻ سان هن سچي ڪري وڌي، ٻيا ٽي سنگتي به ڏسيائين ۽ جيئن پتيون ڪري مال ورهائيو هئائون، سو به ظاهر ڪيائين. هن اهڙي به ڳالهه ڪئي ته حامد علي جمعدار جي صلاح سان اسان اها چوري ڪئي ۽ هو انهيءَ رات اسان کي آڻي، انهيءَ شاهوڪار جي جاءِ ۾ اُماڻي ويو هو. هونءَ به چيائين ته چورايل مال جو هيترو ڀاڱوحامد عليءَ کي مليو آهي.

انهيءَ چور جي ڏسڻ تي ٻيا ٽي چور ڳولي وڃي جهليائون ۽ انهن جي خانه تلاشيءَ مان چوريءَ جو ٿورو گهڻو مال مليو. حامد کي اچي جهليائون.سندس گهر جو جهاڙو ورتائون ته وٽانئس به ٿوريون گهڻيون شيون مليون. هن ڄاتو هو ته آءٌ وڏو ماڻهو آهيان ۽ پوليس جو عملدار آهيان؛ مون ۾ ڪنهن جو شڪ ڪونه پوندو، سو جيڪي زيور پتيءَ ۾ مليا هئس، تن مان ڪي ته سندس زال مهاڻيءَجي بت تي هئا. ٻيا ڪي لڪائي رکيا هئا. هن کي گرفتار ڪيائون ۽ پنجن ئي ڄڻن تي مقدمو هليو. هنن چئن چورن مان ٻن کي ڦاسي ملي ۽ ٻن کي کارو پاڻي آيو ۽ حامد کي پنج ورهيه سخت قيد مليو.

حامد عليءَ جي قيد ٿيڻ ڪري سندس دشمنن کي گهڻي خوشي ٿي. هن گهڻن اشرافن کي ڪڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ پوليس جي نوڪريءَ ۾ رهي ڪيترن ئي سکرن کي آزاريو هئائين. علي رضا به هڪڙي ڪري خوش ٿيو، جو ڄاتائين ٿي ته هي ٻنهي گهرن تي ڪوڙهه جو چٽو هو. پر سندس زال جو ڀاءُ ٿهو، تنهن ڪري البت ارمان ٿيس. معاملي هلندي جيڪا قاعدي موجب واجبي مدد پڄي سگهيس، سا به ڏنائين، پر ان مان حاصل ڪي ڪين ٿيو.

ويچاري مائي شهربانوءَ کي به انهيءَ پٽ جا سور گهڻا هئا، پر هاڻي ته انهيءَ ساڳيءَ لاءِ پئي رنائين. سڌريل، جي کريل، ته به نيٺ اولاد مائٽ لاءِ وڏي وٿ آهي؛ تنهنڪري ويچاريءَ روئي پٽي پنهنجو حال وڃائي ڇڏيو، هڪڙي پيري، ٻيا وري ڏکن تي ڏک آيا هئس تن هن کي اڳهين نبيري ڇڏيو هو، هاڻي وري هي جو تازو ڌڪ لڳس، تنهن سبب ڪري پيئي ۽ انهيءَ معاملي کي ٻه مهينا به ڪين گذريا ته ويچاري مري ويئي. هن ويچاريءَ پنهنجي عمر پنهنجي اولاد تان صدقي ڪئي. هوءَ تمام نيڪ زال هئي، جنهنڪري جيڪي سندس خير خواهه هئا، تن کي ڏاڍو ارمان ٿيو. سڀ کان گهڻو افسوس علي رضا ۽ سندس زال کي هو. ويچارا روئي روئي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

حامد به قيد ۾ گهڻو نه جاليو، هن کي جو سخت پورهيو ڪرڻو پيو ۽ جنڊ ڪڍڻا پيا، سو انهن جي سٽ جهلي نه سگهيو، ڀلا، هن سڄي عمر سکن ۾ گذاريو هو، هتي ته رڳو سندس بڇڙن ڪمن جي ڪري خراب قسمت آڻي ڦاسايو هوس، سو چئن مهينن کان پوءِ مري ويو.

انهيءَ طرح سرائي فتح خان مرحوم جو گهر سڄو ويران ٿي ويو. باقي پوئتي اهڙو ڪونه بچيو، جو سندس نالو نشان ظاهر ڪري. زينت بانو سندس صالح ڌيءَ هئي، پر سا به هاڻي ٿي پرائي گهر ۽ پرائي وس. جنهن گهر ۾ ڪن ڏينهن چهچٽو لڳو پيو هوندو هو، سو خدا هن طرح بند ڪري ڇڏيو.

  1. تڏهن هتي اڃان ٻيڙين ۽ سگارن جو رواج عام نه هو.
  2. اڳين ڏينهن ۾ پوليس وارا ڳاڙهو پٽڪو ٻڌندا هئا۽ تراريون کڻندا هئا.