محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/07

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
320225محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم — 07. واحد در وينتيون1911لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

حضرت محمد ﷺ جو اهڙا خير جا ڪم پي ڪيا سو ڏينهون ڏينهن سندس ناموس پي وڌيو.پر کيس ڳڻتي جيڪا هئي سا ديس ڀاين جي ڏسندو جو هو ته هٿڙا ڪاهل ۽ جاهل آهن سو اندر ۾ الاجي ڇا پيو ٿيندو هوس.
وس ويچاريءَ ناه ڪو تون آگا عرض اُناءِ
ڏينهن رات سٻاجهي در اهيئي پلو پيو وجهندو هو ! يا نه پنهنجي سر پاسن ۽ ڪنڊن ۾ ويهي سوچ ويچار پيو ڪندو هو ۽ ڏاڍيون رٿون پيو رٿندو هو.هر سال رمضان وارو مهينو سارو ئي نيم هوندو هوس،جو وڃي غارحرا ۾ گذاريندو هو ۽ چوويهه ئي ڪلاڪ آگي جي عبادت ۾ رُڌو رهندو هو.اتي به اهائي پڪار هوندي هئيس ته”خدايا فضل فرمائي هن بندي جي ڳوٺاين کي سنئين پير تي آڻ ۽ کين اڻ ڄاڻپ جي عذابن کان آزاد ڪر!”