سائو پن يا ڪارو پنو/باب ڏهون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سائو پن يا ڪارو پنو  (1965)  by مرزا قليچ بيگ
باب ڏهون: منهنجون عادتون، خواهشون، منهنجا خيال ۽ رايا (ڀاڳو ٽيون)

شاديءَ بابت راءِ
شادي ڪرڻ يا ڇڙهي رهڻ جي نسبت ۾ مون شادي کان اڳي گهڻو خيال ڪيو هو، ۽ مقابلو ڪري، نفعا ۽ نقصان تفصيلوار ڪاغذ تي لکي، دل ۾ تڪي توري پوءِ شادي ڪيم، انهي بابت پنهنجي راءِ مختصر طرح پيش ڪرڻ ٿو گهران، شايد اها پڙهندڙن کي خاص منهنجي اولاد کي پسند اچي يا مدد ڪري انهي بابت ٿورو گهڻو بيان پنهنجي ڪتاب ”زينت“ ۾ به ڏنو اٿم، ۽ انهي مضمون تي هڪڙو شعر به آهي. (ڏسو باب يارهين، شعر نمبر ٻارهون)
جيئن مٿي به چيو اٿم تئين ننڍي هوندي کان آءُ شادي ڪرڻ جي برخلاف هوس، ۽ ڇڙهو ۽ آزاد رهڻ پسند ڪندو هوس، پوءِ درجي بدرجي ڪاليج کان موٽي اچڻ تي منهنجو خيال ڦريو، ۽ پوءِ شادي ڪرڻ بهتر سمجهيم، پر تڏهن وري سنڌي نموني شادي جي دستور کان ٽهندو هوس، ۽ يورپي قوم مان شادي زياده پسند ٿي آيم، ۽ انهي جي ڪوشش ٿي ڪيم پر پُءِ انهي جي به خامي معلوم ٿيم ۽ پنهنجي ديسي شادي پسند آيم، مگر اڳواٽ اها ڇوڪري ڏسڻ ۽ پسند ڪرڻ ضروري سمجهيم، انهن سڀني اوائل جي حالتن ۾ رهڻ کانپوءِ شادي جي نسبت ۾ منهنجي راءِ اها آهي ته جي ڪو خاص اعتراض نه جي ۽ جي پاڻ تي يعني پنهنجن نفساني خواهشن تي غالب پوڻ مشڪل نظر اچي ته ڇڙهي رهڻ کان شادي بهتر آهي، جو انهي ڪري دنيا ۾ وقت بهتر ٿو گذري، ۽ دل جا خيال به پاڪ ۽ چڱا ٿا رهن، ۽ ديني حڪم به بجا ٿو اچي، عزيزن ۽ همجنسن ۽ هم قوم يا هم ذات وارن ۾ ڪا لائق ٻانهن نهه هجي ته پوءِ لاچار ڌارين مان ڪجي نه ته جيتري خير خواهي پنهنجي کي رهندي، اوتري پرائي کي يا ڌارئين کي نه رهندي، شادي لاءِ ڪوشش ڪري وڏو ۽ سڌريل گهر ڳولڻ گهرجي ۽ جي اهڙي ٻانهن حسين به هجي ۽ دولتمند به هجي ته سڀ کان بهر نه ٿ اهي پويون ٻئي لياقتون هڪدم ضروري ناهن، شادي ڪرڻ جي وهي منهنجي نظر ۾ آزمودي موجب بلوغت جي عمر آهي، ڇا پٽ لاءِ ڇا ڌي لاءِ، ٻار جي بالغ ٿيڻ تي هڪدم انهي جي شادي ڪرڻ گهرجي، جي ٻي ڪا ضروي ڳالهه مانع نه هجي ته انهي ڪري هڪڙي ته ٻار جا خيال جمع رهندا، ۽ هيڏي هوڏي ولڻ ۽ جواني جي انڌ ۾ حرڪت ڪرڻ جو موقعو نه ملندس، ۽ ٻين گهڻين بڇڙين عادتن کان بچيل رهندو ۽ بچت ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ ضرور ٺاڻندو، نه ته جن ٻارن کي انهي عمر ۾ ڪا خراب عادت پئي ته پوءِ عمر ساري جو خوف اٿن، ٻيو ته شروع کان وڄي زال مڙس جي پاڻ ۾ محبت ٿيندي، جا پيري تائين هلندي، ٽيون ته اولاد هئڻ جي حالت ۾ گهڻو امڪان آهي ته سندن حياتي ۾ هڪڙو يا زياده پٽ عمر ۾ ايڏا وڏا ٿيندا، جن کي پنهنجي مرضي موجب تعليم ڏيئي لائق ڪري سگهندا، اسان جي لاءِ بابي ۽ امان جو اهڙو مثال موجود آهي، ڌين جي نسبت ۾ منهنجي راء آهي ته جي پنهنجن عزيزن ۽ همدردن وارن ۾ لائق هجي ته اهو بهتر، نه ته پوءِ ڌارين مان ڪنهن خانداني، سڌريل ۽ آسودي ۽ آبرو واري جوان هٿ ڪرڻ ۽ عيب ڪونهي جي چڱو بندوبست نه ٿي سگهي ته ڇڙهو رهڻ چڱو، اگرچه سڀ کي شادي جوشوق رهي ٿو.

شادي مان ٿئي ٿي خاني جي آبادي،
شادي مان به خاني جي ٿئي بربادي،
اول آهي راحت ۽ پڇاڙي ۾ رنج،
ته به هرڪو سدا ڪري پيو شادي شادي.

منهنجي راءِ آهي ته زال هميشه هڪڙي پرڻجڻ گهرجي، ٻئي ڪنهن به عذر تي پرڻجڻ اجايو آهي، سواءِ ڪنهن خاص حالت يا ضرورت جي جنهن زماني گهڻين زالن پرڻجڻ جو عام رواج هو ۽ انهن کانسواءِ سريتون ۽ ٻانهون به رکڻ ۾ ٿي آيو، تڏهن به اسان جي والد کي هڪڙو ئي گهر هو، جنهن مان اسين سڀ ڀائر ۽ ڀينرون پيدا ٿياسين.
اگرچه ناني مرحُج کي به ٽي گهر هئا، انهي مان اسن جي پيءُ جي خيالن جو قياس ڪري ٿو سگهجي، آزمودي مان مون کي معلوم آهي ته انسان ۾ نفساني خواهش يا شهرت زياده آهي، ۽ حسن ۽ عسَ جو به دل تي زياده اثر ٿئي ٿو، انهي هوندي به خدا جي مهرباني سن حيا، شرم، ننگ، ناموس ۽ عزت جي نظر زيدهه رهندي آئي آهي، ۽ ننڍي هوندي جي خانگي ڏنل تعليم ۽ چڱيون عادتون هميشه دامنگير رهيون آهن، ۽ انهن اسان کي پئي روڪيو آهي، جوابي جي پور ۾ ۽ نوڪري ۾ حڪم ۽ پئسي موجود هڻ جي حالت ۾ ۽ ڇڙهائي جي حالت ۾ به انهن اسان کي بيحيائي ۽ نامناسب ڪم ڪرڻ کان گهڻي قدر روڪيو آهي.
مٿين راءِ ڏيڻ مان منهنجو مطب هي آهي ته پنهنجي اولاد کي انهي نسبٿ ۾ پنهنجي آزمودي ۽خيال جو فائدو ڌيان ته ڪچي کان ٻارن ۾ حيا، شرم، مذهبي، اخلاقي تعليم، چڱي صحبت ۽ مثال موجود ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪن.

علم جو شوق:
هاڻي آءُ پنهنجي لکڻ پڙهڻ جو شوق ۽ عارق جو ڪجهه مفصل ذڪر ڪندس، مٿي ڏيکاريو اٿم ته لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان مون کي هوندو هو، بلڪه راند کان به اهو شغل زياده پسند هوندو هو، بلڪه ننڍي هوي کان ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق رهيو، هميشه ڄاڻندو آهيان ته.

ماٺ ۾ جنهن جي مزو آهي، لکن ڳالهين جو يار،
لطف اهڙو ناهي، ٻئي ڪنهن شئي ۾ پڻ ڌارا ڪتاب.

اولاد منهنجو شعر سخن، فخر تن تي آهه،
جاهل نه آهيان جو ڪريان پيءُ ڏاڏي تي آءُ فخر.

جيئن علم زياده حاصل ٿيندو ويو، تئين ڪتابن گڏ ڪرڻ جو به شوق پيدا ٿيو، انهي ڪري جيڪي اسان جي وڏن جا قيمتي ۽ عمدا ڪتاب هئا، سي ته مون خاص طرح پنهنجي لاٰ قابو ڪيا، بلڪه ٻيا به انگريزي، عربي، فارسي، اردو، ترڪي ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب به گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ لڳس، جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، تڏهن مون کي ياد آهي ته آچر جي ڏينهن ڪالبا ديوي روڊ تي بوربن جي پراڻن ڪتابن جي دڪان تي وڃي ويهندو هوس، ۽ ڪتاب ڏسندو چونڊيندو ويندو هو ۽ سستي ملهه تي وٺندو هوس، ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ به اهو شوق قائم رهيو، ۽ ڪراچي جي لئبررين ۾ به ڪتاب وڃي پڙهندو ۽ ڪجهه پنهنجا به خريد ڪندو هوس، جڏهن انگريزي ڪتاب ڪراچي جي جنرل لئبرري ۾ امان رکيم ته سلامر به رهن، ۽ ٻين کي به ڪم اچن، ڪن ورهين کانپوءِ جڏهن مون پنهنجو گهر جوڙايو ۽ ڪتابن لاءِ ڪٻٽ خريد ڪيم، تڏهن اهي اتان ڪڍائي ورتم، پر افسوس ته انهنب مان گهڻا گم ٿي ويا، ۽ انهن جو جوابدر ڪو به ڪو نه ٿي سگهيو! انهي ڪري مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو، تنهن کانپوءِ اڄ تائين هميشه نوان ڪتاب گڏ ڪندو اچان، ۽ انهنن سان گڏ سنڌي ڪتابه به گڏ ڪندو وڃان، سنڌ ۾ جيڪو به نئون ڪتاب لکبو آهي، تنهن جو مصنف هميشه مهرباني ڪري هڪڙي ڪاپي موڪلي ڏيندو آهي، خود منهجن جوڙيلن ڪتابن جي به ڄڻ ته هڪڙي خلاصي لئبرري آهي، انهي هوندي به آءُ پنهنجي ناداني جو قبولدار آهيان.

ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو، جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر کي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.

ڪتاب اڪثر علم، حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهبن جا مون کي پسند ايندا آحن، ۽ اهي پڙهندو آهيان،م جهڙا انگريزي تهڙا ٻيا، ناول ۽ قصا گهڻو ڪري نه پڙهندو آهيان، اکين سان ڏسي دل ۾ پڙهندو آهيان ۽ تمام تڪڙو پڙهندو آهيان، مگر ڌيان سان پڙهندو ۽ چڱن عمدن ڀاڱن تي نشآن ڪندو آهيان، جي پوءِ ڪتاب پوري ڪرڻ بعد جدا نوٽبڪن ۾ لکندو ويندو آهيان، جيڪي ڪتاب مون وٽ آهن، وڏا ۽ گهڻ جلدن وار، سي سڀ مون هڪ دفعو ته ضرور پڙهيا آهن، ڪي ٻه ٽي دفعا پڙهيا اٿم، خاص اهي3 جن جو ترجمون ڪيو هوندم، اهڙن انتخابن جا به گهڻا جلد ٿي ويا آهن، فارسي، عربي ۽ اردو وارن انتخابي جو نالو ”ابڪار لافڪار“ رکيو اٿم ۽ انگريزي انتخابن جو ”انگلش جيمس“ آهي، بعضي فراغت جي وقت يا سفر ۾ اڃا ڏسندو آهيان، نثر کان شعرکي زياده پسند ڪندو آهيان، منهنجي شعرسازي بات ڏسو باب يارهين ۾ شعر نمبر چوڏهون.

تصنيف جو شوق:
ڪتابن پڙهڻ جي شوق مان ڪتابن لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ڪي ڪتاب اسڪول ۾ پڙهندي ۽ ڪي ڪاليج ۾ پڙهندي لکيم، ڪي ڪتاب پوءِ نوڪري کان اڳي لکيم، ۽ ڪي خود نوڪري جي عرصي ۾ لکيم، ۽ ڪي پينشن وٺڻ کانپوءِ لکندو اچان، انهي ڪري وڏو تعداد ٿي پيو آهي، اڪٽر چڱا چڱا ڪتاب ٻين ٻولين مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا اٿم، گهڻو ڪري ماڻهن کي سواءِ عيوضي جي ڇاپڻ لاءِ ڏيندو آهيان، ۽ جيڪي ڇاپيل ڪاپيون ملنم، اهي سنڌ جي جدا جدا لئبررين وارن جي درخواست تي انهن کي ڏيندو آهيان، غريب شاگردن کي به ڏيندو آهيان، اسڪولن ۽ مڪتبن جي امتحان وٺڻ تي انعام ڏيندو آهيان ۽ ڪي تمام ٿورا ڪتاب فروش وٺندا آهن، خاص حيدرآباد ڪوآپريٽو سوسائٽي.
ڪتاب لکڻ جو مون ڪو وقت ضايع نه ڪيو، جڏهن ڪڏهن ڪو فراغت جو وقت ٿورو يا گهڻو بچندو هو ته ماٺ ڪري ويهڻ يا رند ڪرڻ يا اجائي بڪ ڪرڻ جي بدارن ڪجهه پڙهيا يا لکي وٺندو آهيان، سرڪاري نوڪري ۾ به فرضي ڪم ڪرڻ کانپوءِ فراغت جو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ جي مشغولي ۾ لڳائيندو هوس، اڪثر، اڪثر اهو ڪم آءُ رات جو ڪندو هوس، خصوصا اسر جو، انهي ڪري هڪڙو ئيص ڪتاب گهنا ڏينهن کائي ويندو هو، منهنجي عادت آهي ته جڏهن ڪنڊ تي سنهڙا اکرن ۾ ”بسم الله، لکي پوءِ ٻيو ڪجهه لکان، ۽ پوري ٿيڻ تي پوئين صفحي جي پاڙ ۾ هڪڙي ڪنڊ تي ”الحمد الله“ لکي ڇڏيان ۽ ٻنهي هنڌن تي شروع ڪرڻ ۽ پوري ڪرڻ جي تاريخ به لکي ڇڏيندو آهيان، منهنجي سڀني هٿ جي لکيل ڪتابن جي اها خاص نشاني آهي، اهو ڪتاب لکڻ جو شوق نالي يامشهورائي پا پئسي جي فائدي لاءِ نه هوندو آهي، خاص ملطب ٽي هوندا آهن، هڪڙو اهو جو فراغت جي وقت ۾ هڪڙي چڱي ۽ مفيد مشغولي رهندي آهي، ۽ اجايو وقت نه ويندو آهي، ۽ اجاين خيالن ۽ اجاين ڳالهين ۽ حرڪتن ڪرڻ کانءِ بچجي ٿو، ٻيو اهو ته ڪتابن لکڻ لاءِ پهرين چڱن ڪتابن کي غور ۽ ڌيان سان وري وري پڙهڻ جو وجهه ملي ٿو، جنهن ڪري علمي مايو زياده ٿئي ٿو، ٽيون اهو ته چڱن ڪتابن لکڻ مان ٻين ماڻهن کي فائدي رسائڻ جو وجهه ملي ٿو، اها به هڪڙي خيرت يا زڪوات آهي، ڪيتري به پنهنجي علميت هجي ته به ضرور ڪي ٻيا گهٽ علميت يا واقفيت وارا ماڻهو هوندا، تن کي فائدو رسائڻ ۽ مدد ڏيڻ به فرض آهي ۽ گويا اها علم جي زڪوات آهي، جيئن دولت ۽ مال تي زڪوات واجب آهي، منهنجي نظر ۾ علميت به هڪڙي سچي دولت آهي، ۽ جيڪي مون وٽ گڏ آهن تن کي آءُ هڪڙو خزانو سمجهندو آهيان، ۽ اميد رکندو آهيان ته مون کان پوءِ منهنجن پٽن مان ڪو ضرور انهن جي سنڀال ڪندو، نادر بيگ کي به اهڙو ساڳيو شوق ڏسي خوش ٿيندو آهيان، ڪتابن کي پنهنجو سنگتي سمجهندو آهيان.

سنگتي رک ڪتاب ڌاران ڪو به،
جو ڪري ماٺ توسان ڳالهائي،
ڪهڙي حالت ۾ تنهني هوئي ، پر هو
نه ڪڏهن رنج ٿئي نه رنجائي.

هڪڙو ئي ڪتاب لکڻ مون کي ٿڪائي ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري اڪثر ٽي ڪتاب گڏ شروع ڪندو آهيان، هڪڙو صبح جو لکان ۽ ٻيو ٻنپهرن جو ۽ ٽيون رات جو ڪلاڪ ٻن کان وڌيڪ هڪ وقت لکڻ ڪري ٿڪجي پوندو آهيان، هاڻي گوشهه نشيني ۾ جڏهن سارو وقت پنهنجو آهي، تڏهن انهي ريت ڪم ڪرڻ آسان آهي، جيئن مٿي پنهنجي وقت جي ورهاڱي جو ذڪر ڪيم، تنهن موجب اسر جو اٿي عبادت، ذڪر، فڪر ۽ وظيفن کانپوءِ ڪو ڪتاب لکندو يا پڙهندو آهيان وري ڏينهن ٿيڻ تي هوا کائڻ پنڌ ڪرڻ وڃان، اٺين بجي ڌاري موٽي اچي لکڻ ويهان ۽ يارهين بجي گهر وڃان، ۽ ماني کائي آرام وٺان ۽ ٽين بجي ڌاري نماز پڙهي وري ويهي لکان ۽ پنجين بجي کانپوءِ ٻاهر اچي وري ڪي پڙهان، ۽ سج لهڻ تي گهر وڃان، آرڙه جي ڏينهن ۾ ڏينهن جو گهڻو ڀاڳو پنهنجي ڳوٺ واري باغ ۾ املداس جي وڻ ۾ ٺاهيل پيهي يا آکيري ۾ گذاريندو آهيان، ۽ سڀ ڪم اتي ڪندو آهيان، ماني به اتي کائيندو آهيان، پوءِ شام جو موٽي گهر اچان، انهي بابت به منهنجو شعر آهي. (ڏسو نمبر 11)

شعر ۽ تصوف جو شوق:
صبح جو جڏهن هوا کائڻ ويندو آهيان تڏهن رستي ۾ اڪثر خيال پچائيندو ويندو آهيان ۽ شعر به انهي وقت جوڙيا، يا ته وري شام جو سمهڻ کان اڳي اهڙا خيال پچائيندو آهيان، بعضي جي فرمائش موجب ڪو راڳ يا شعر جوڙيندو آهيان ته انهي خيال ۾ گهڻ ڀاڱو رات جو به گذري ويو هوندم، بعضي ته شعر جوڙڻ جو ڪم جاءِ ضرور ڏي وڃڻ واري وقت ۾ فراغت ڄاڻي خيال ڪندو آهيان، ۽ ڪي بيت جوڙي ويندو آهيان، شعر سازي جي نسبت ۾ به منهنجو هڪڙو شعرآهي جو هيٺ ڏيندس، اڪثر منهنجو شعر جدا جدا مضمونن تي آهي، ليڪن اسلامي مذهبي مِضمون تي اگرچه ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ قرآن ۽حديث ۽ فقه جي بنياد تي مضمون ڏنا ويا آهن، تڏهن به حڪمت ۽ فلسفي وارن مضمونن تي اڪثر تصوف جي بنياد تي لکيو اٿم، جيتوڻيڪ وڏن وڏن بزرگن تصوف جا اصول بيان ڪيا آهن، ۽ اهي شريعت جاپابند رهيا آهن ته به اڪثر عام شريعت وارا انهن تي اعتراض آڻيندا آهن، بلڪه ڪي ته انهن کي ڪافر يا غير شرعي ڪمن ڪرڻ ۽ ڳالهين ٻڌائڻ وارا سڏيندا آهن، تنهن ڪري اهڙي تهمت کان آءُ به آزاد ناهيان، ڪيترن مسلمانن، سنين توڙي شيعن انهي نسبت مون کي سوال پئي وڌا آهن، جن جا مشڪلات سان جواب پئي ڏنا اٿم، پر انهي ۾ منهنجي ظاهري شريعت موجب هلت مون کيپي بچايو آهي، تنهن ڪري ٻين بزرگن وانگي منهنجي به اها راءِ آهي ته شرعي ۽ ديني ڪمن ۽ رسمن جي نسبت ۾ حقيق خيال هڪڙا به هجن ته به اهي پنهنجي جند لاءِ رکڻ گهرجن، نه خلق کي ٻڌائڻ ۽ وعظ ڪرڻ لاءِ نه ته شيخ لاج منصور واري سزا ملڻ جو خطرو آهي يا ته خلق ۾ خواري جو ڊپ آهي، شاهه ڀٽائي جيقول موجب هلت ڪرڻ گهرجي، جا پڻ ٻين مشهور صوفي بزرگ جي رهي آهي.

روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.

ڇو حسن جي بازار ۾ پيو سير ڪرين،
دلبر پنهنجو پاڻ سان لڪو لايو وتين،
غيرت نه اٿئي، شرم نٿو توکي اچي،
هو توکي ڏسي ۽ تون ٻين کي پيو ڏسين.

ان موجب منهنجو به مذهبي حڪمن جي روحاني يا حقيقي ۽ باطئي معني تياعتقاد آهي، مگر هو پنهنجي لاءِ نه ٻين جي لاءِ، ساڳئي وقت مذهب جي ظآهري رسمن ۽ دستورن تي تعميل به ڪندو آهيان، مثلا حضرت محمد ”صه“ جن جو معراج روحاني وسهندو آهيان، نه جسماني، اگرچه اهڙي نه وسهڻ واري کي ڪافر ڪري چوندا آهن، ساڳي طرح انسان جي اندر ۾ حق موجود رهڻ ۽ سندس خدا جو خليفو يا نائب هئڻ، يا مئي کانپوءِ روح جو وري دنيا ۾ اچڻ، جيئن ٿيا سفي وارا چون ٿ، يا جنهن کي تناسخ به چئجي ٿو، اهڙين ڳالهين جو نسبت ۾ منهنجو اعتقاد اهڙو ئي آهي، مگر اهڙي معنيٰ سان جا اسلامي اصولن ۽ شرعي حڪمن موجب مواقف ۽ درست ۽ روا ٿي سگهي ٿي، اهڙو اعتقاد اڪثر صوفي استادن جو رهيو آهي، جيئن مولانا رومي جو، مولوي عبدالرحمان جامي جو، شيخ فريد الدين عطار جو گهڻن ٻين جو انهي اعتقاد جي نسبت ۾ منجهن شعرن منجهه پتو پوندو (ڏسو باب ٻارهون نمبر پنڌرهن، سورن)، انهي حقيقي معنيٰ ڪري ظآهري، حج، زيارتون، تسبيحون پڙهڻ، جهنگن ۾ رياضتون ۽ چاليها ڪڍڻ ضروري نه سمجهندو آهيان.

جڏهن حج جو آءُ ڪريان ارادو ٿو ادا،
مون وٽ ڪري پنڌ ٿو اچي ڪعبو سدا،
تيئن ايندو بهشت نيٺ مون وٽ پاڻهي،
جو، اُز لِفَتِ الجنُتهُ فرمايو خدا.

پر جي ڪجن ته چڱو آهي، ساڳي طرح اسلامي پردي جي نسبت ۾ منهنجي راءِ معتدل آهي، نه حد کان وڌيڪ، جيئن اڪثر هتي جي شريف مسلمان ۾ آهي، حد جياندر پردو چڱو بلڪه ضروري سمجهندو آهيان، جيئن پنهنجي ڪتاب ”زينت“ ۾ ۽ پردي جي نسبت هڪڙي رسالي ۾ به لکيو اٿم ۽ جنهن موجن آءُ پاڻ عمل ڪندو آهيان.

ديوار حرمسرا جي مرلوهه جي هوئي،
عصمت بنا ڪا زال نه پردي ۾ رهي.

ساڳي طرح وياج کي به حرام سمجهندو آهيان، مگر مسلمانن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ليڪن غير مسلماني بادشاهت ۾ خود سرڪار کان ياٻين مذهبن وارن کان مناسب رواجي وياج وٺڻ جائز ڄاڻندو آهيان، جيئن وياج ڏيڻ به لاچار ٿيندو آهي، اگرچه اهو به وٺڻ وانگي حرام آهي، جيئن رشوت ڏيڻ به حرام آهي ۽ وٺڻ به حرام آهي، انهي نسبت ۾ به منهنجو هڪڙو ننڍو ڪتاب لکيل آهي، جنهن ۾ قرآن ۽ حديثن جي حجت سان اها ڳالهه ڏيکاري اٿم، جيئن قرآڻ موجب چوري ڪرڻ جي لاءِ سزا اسلامي حڪمن موجب هٿ وڍڻ ۽ ٻين ڪن ڏوهن لاءِ درا يا چهبڪ آهي، جا هن زماني ۾ نه فقط غير مسلماني حڪومتن ۾ بلڪه خود مسلماني حڪومتن ۾ به مروج ناهي، انهي طرح وياج جو مسئلو يا اهڙا ٻيا مسئلا به شمار ڪرڻ گهرجن.

پوليٽيڪل رايو:
جيتوڻيڪ آءُ پوليٽيڪل ڳالهين ۽ ڪمن سان واسطو نه رکندو آهيان، ۽ اهڙن تحريڪن ۾ شامل نه ٿيندو آهيان، ته به انهن جي نسبت ۾ پنهنجي لاءِمون راٰ مقرر ڪري ڇڏي آهي، ۽ هميشه انهي اصول تي هلندو آهيان ۽ انهن کي اسلامي ديني حڪمن مواقف وسهندو آهيان، انهي بابت به منهنجا ڪي رسالا يا پرچا لکيل آهن، جي پبلسٽي ڪميٽي ڇاپايا به آهن، اها راءَ هي آهي جا مٿي ڪنهن هنڌ مون لکي آهي ته رعيت ٿي ۽ مسلمان ٿي اسان مسلمانن تي ديني رض آهي ۽ غير مسلماني بادشاهه يا حاڪمن جي برخلاف فساد نه ڪريون ۽ نه بغاوت5 جهڙو منصوبو ڪريون يا انهي سان قطع تعلقات ڪريون يا انهي جا حڪم نه مڃون، خاص جڏهن سندس حڪومت ۾ قاعدي موجب اسان کي هر طرح جي مذهبي آزادي آهي ۽ ڪاب بيواجبي روڪ يا بندش ڪانهي جي ڪنهن مسلمان کي اها حڪومت نه ڻي يا اهي قاعدا پسند نه اچن ته پوءِ ملڪ مان نڪري ٻئي ملڪ ۾ وڃي پوءِ اتي ڀلي انهي جي برخلاف هلي خلافت جي نسبت ۾ به منهنجي راءِ شيعن جي راءِ موجب آهي، يعني ته بني اميه ۽ بني عباسين ۽ انهي کانپُءِ سندسن جانشين کي هو حضرت نبي صلعم جو خليفو يا جاءِ نشين شمار نه ڪندا آهن، بلڪه غاصبي شمار ڪندا آهن، خصوصا ڏ0هن ساڳي جاءِ تي مراون ۽ يزيد جهڙا حاڪم ٿي گذريا آهن جن جي فاسق ۽ فاجز هئڻ ۾ خود سنين کي به شڪ ڪونهي، اهڙي حاڪم کي شيعا پيغمبر جو خليفو سڏڻ گناهه سمجهندا آحن، هنن جي اصول موجب پنجتن ۽ انهن جو اولاد ٻارهن امام، نبي جا پشت، بپشت وصي، جانشين ۽ خليفا آهن ۽ اڄ تائين پوئين غائب امام کي يعني امام محمد مهدي کي حاضر امام سمجهندا آحن، ۽ انهي معنيٰ سان سچي خليفي يا امام جي غير حاضري ۾ غزوره يا ديني جنگ ناجائز ڄاڻندا آهن، پر ان کي سني جائز سمجهندا آهن.
پوليٽيڪل ڳالهين جو ذڪر ڪندي آءُ ”هوم رول“ يا ”سوراج“ جي نسبت ۾ به پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏيندس، جا هميشه پڇڻ تي پئي ڏني اٿم، اها مختصر لفظن ۾ هي آهي ته ”جمهوري يا رعيتي حۡومت تمام چڱي آهي، انگريزي شهنشاهٿ ۾ يا ٻاهر بشرطيڪ اهڙي لياقت وارا گهڻا ماڻهو ۽ سڀني موجوده قومن ۽ مذهبن ۾ موجود هجن، ٿورن جي حالت ۾ اصانف جي حڪومت ٿي نه سگهندي، اهڙي لياقت پيدا ڪرڻ لاءِ نه فقط گهني ظاهري علمل جو ضرور آهي، پر روحاني، اخلاقي ۽ سچي ديني علم جو گهڻو ضرور آهي، تنهن ڪري في الحال سچو، ”هوم رول“ اهو آهي ته اسين پاڻ تي يعني پنهنجي نفساني خواهشن ۽ خيالن تي غالب رهون، انهي کانپوءِ پنهنجو گهر يا ڪثنب چڱي تجويز سان هلائي سگهون، پوءِ پنهنجي شهر ۽ ضلعي جي حڪومت هلائي سگهون، يعني ميونسپالٽيون ۽ لوڪلبورڊ پوءِ ساري ملڪ جي حڪومت هلائڻ جو خيال ڪريون، تنهن ڪري اها حالت اسان کي درجي بدرجي پيدا ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪي سڌارا ۽ مروتون سرڪار اسان جي گهرڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ تي ڏيئي سگهي، انهن جي وسيلي اسين ترقي ڪندا رهون، ليڪن انهي ڪم لاءِ اڃا هندن ۽ مسلمانن يا ٻين موجده قومن جو پورو اتحاد ممڪن آهي، جيئن زور ڪري چوڻ ۾ پيو اچي تڏهن هنستان جي مانحن کي نيشن يا قوم چئي سگهبو، نه انهي کان اڳ، باقي هم ملڪ ۽ هم وطن هئڻ ڪري بيشڪ اسان کي هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ، هڪ ٻئي سان رس رکڻ ضروري آهي، ”سوديشي“ يا هتي جي هنري ۽ ڪاريگري مال کي همتائن هر طرح اسان تي فرض آهي، مذهبي يا قومي تعليم وڌائڻ اسان تي فرض آهي، نشي، جوئا، بدڪاري يا زنا کي بند ڪرڻ جي ڪوشش اسان تي فرض آهي، پر صلاح ڏيڻ سان نصيحت ۽ وعظ ڪرڻ سان ۽ اهڙن ڪم آزادي جي اپائن سان، نه قاعدي ڀڃڻ سان يا مارڻ، ڪثڻ ۽ زور زبردستي ڪرڻ سان، سوديشي مال همٿائڻ لاءِ ٻاهريون اڳي جو آيل ڪپڙو انبار ڪري باهه ڏئي ساڙڻ، يا قومي تعليم جي همٿائڻ لاءِ اڳوڻِيون تعليم جون جايون بند ڪرڻ، ٻارن کي ٺڳاري اسڪل ڇڏائڻ، ۽ مائٽن جي نافرماني ڪري گهرن کان نڪري وڃڻ ۽ ٻين هنڌن تي رلڻ منهنجي نظر ۾ بلڪل نامناسب ۽ اسراف يا ظلم ۽ گناهه جهڙو ڪم آهي، ڪن پوليٽيڪل يا ملڪي ڳالهين جي نسبت ۾ چرچي جهڙو شعر هيٺ ڏنل آهي، (ڏسو نمبر 19).

منهنجي هاڻوڪي حالت ۽ پاڻ تي پنهنجي راءِ:
پڇاڙي ۾ آءُ پنهنجي اڄوڪي حالت ٻڌائيندس ۽ پاڻ بابت پنهنجي راءِ ڏيندس، اگرچه خدا جي مهربان سان آءُهر طرح آزاد آهيان، ۽ بلڪه تندرست ٿو گذاريان، ۽ پنهنجن دل گهرين مشغولين ۾ رڌل رهان ٿو، تڏهن به پاڻ کي اڪيلو سمجهان ٿو، ۽ اڪثر اٻاڻڪو گذاريان ٿو، ڇالاءِ جو زال ۽ ٻارن جي صحبت ۽ وندر کان سواءِ ٻيو ڪو به همعصر ۽ هم خيال صحبتي ڪونهي، هاڻوڪن جوانن ۽ دوستن جا خيال ٻي طرح جا آهن، ۽ منهنجا خيال ٻڌي هو مون کي ديوانو يا دقيانوسي وضع جو ڪراڙو ماڻهو ڄاڻندا هوندا!، جيڪي اهڙا دوست هئا سي سڀ گذاري ويا، شاهه ڀٽائي جي قول وانگي.

ويا مور مري، هنجه نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو.

اهڙي شڪايت مون پنهنجي شعر ۾ به ڪئي آهي.

افسوس ويا ويا، رکيو جن ٿي تميز،
صحبت ٿي لڳي جني جي راحت آميز.

ڪنهن وٽ وڃي وڪڻون دل جي يوسف کي اسين،
جو هاڻ انهي مصر مان ويا نڪري عزيز.

عالم ۾ نه هڪڙو دم ڪو منهنجو همدم،
ناهي مون کي بيڪسي جي غم ري ٻيو غم،
غم پنهنجو چوان آءُ ڪنهن کي دل پنهنجي سواءِ،
جو ناهي مون کي ڪو پنهنجي دل ري محرم.

جڏهن لکير پڙهي ٿڪجان ٿو، تڏهن زال جي صحبت چڱي آهي، پر اها ويچاري به منهنجي ۽ منهنجن ٻارن جي خدمت ۽ چاڪري ۾ مس پوري آهي ۽ اگرچه مون کي خوش رکڻ لاءِ هر طرح ڪوشش ڪندڙ آهي، تڏهن به جنهن ۽ جيتري صحبت جو مون کي هاڻ ضرور آهي، سا موجوده ناهي، پٽن مان به وڏو صحبت جهڙو ڪراچي ۾ گذاري، ٻيا ننڍا آهن، دوستن مان به منهنجو هم خيال فقط ديوان ڏيارام گدومل آهي، جو پاڻ به دنيا يا وطن ترڪ ڪري وڃي بمبئي ويهي رهيو آهي، جنهن سان اڪثر خطن جي رستي خيال بدلائيندو آهيان، ٻيو اهڙو دوست سيٺ غلام علي چاڳلو آهي، جنهن جي صحبت مون کي پسند ايندي آهي، پري اهو به ڪراچي ۾ گذاري ۽ جڏهن ڪراچي وڃان تڏهن ملي، ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد شهر جي ٻيا ڪي ماڻهو ڪم سا يا ملاقات لاءِ ايندا آهن، يا ڪڏهن ڪا پارٽي ٿيندي آهي ۽ سڏيندا آهن ته اڪثر خوشي سان اتي ويندو آهيان، جو اتي ڪي جهونا دوست به ملي ويندا آهن، ۽ صحبت ڪرڻ جو وجهه ملندو آحي، ۽ خوشي حاصل ٿيندي آهي، نڪري وري آءُ به ڪنهن وٽ وڃڻ گهرندو آهيان، گورنر صاحب يا ڪمشنر صاحب جڏهن حيدرآباد اچن تڏهن انهن کي وڃي ڏسڻ لاچاري فرض سمجهندو آهيان، جو پينشنر آهيان، هتي ڪليڪٽر صاحب کي به سال ۾ هڪڙو ڀيرو انهي ڪري ڏسندو آهيان اهڙي صورت ۾ آءُ پاڻ کي اڪيلو سمجهندو آهيان، ۽ اٻاڻڪو گذاريندو آهيان، پنهنجي اڪيلائي سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻولي جي زواليت ڏسي به ارمان کائيندو آهيان ۽ ناني ۽ بابي جي اڳوڻِ صحبت ياد ڪري روئندو آهيان، ٻيا ته خير پر خود عزيزن ۽ اولاد مان به ڪو پوري فارسي نٿو ڄاڻي، خبر ناهي ته منهجن هيترن عمدن فارسي ڪتابن جو ڪهڙو حال ٿيندو!.
گهڻن ٻارن هئڻ ڪري انهن جي نسبت ۾ البت فڪر ۽ ڳڻتي زياده ٿي رهي، انهي کي خانگي خرح پڙهائڻ ۽سيکارڻ جي لاءِ به دماغ ڪونهي، ويتر هنن جي گوڙ ڳڙٻر ۽ حرڪت ڪري خفو ۽ بيزاري زياده ٿي پئي آهي، ۽ البت چڙ به زياده ٿي پئي آهي، جا اڳي نه هوندي هئي، ويسر به اڳي کان زياده ٿي وئي آهي، خصوصا مانهن جي نالن جي جنهن ڪري بعضي پنهنجن پٽن جو نالو به وقت سر ياد نه پوندو آهي، ڏاڍي مشڪلاٿ سان ياد پوندو آهي، انهي ڪري به مونجهارو زياده ٿو ٿئي، اگرچه ٻي معنيٰ سان پڙهيلن ڳالهين جي وسرڻ ۽ وري پڙهڻ ڪري پاڻ خوشي تازي ٿئي ٿي:

ٿي اچي ويسر گهڻي مان مون کي لذت پڻ گهڻي،
ٿو وساريان ۽ پڙهان موٽي جواهر علم جا.

انهن ڳالهين ڪتي اڪثر آءُ هاڻ دنيا کان بيزار ٿي پيو آهيان ۽ دنيا جي ڏسڻ جو زياده شوق نه اٿم، موت کي ته اڳئي ياد ڪندو آيو آهيان، پر هاڻي موت کي حياتي ٿو ڄاڻان، پنهنجي ڊگهي حياتي کان بيزار ٿي پيو آهيان ۽ انهي کي بوجو پيو سمجهان.

زندگي در گردنم افتاد بايد زيستن،
شاد بايد زيستن، ناشاد بايد زيستن.

جڏهن دنيا ڍون آهي ۽ منجهس دل جي خواهش موجب صحبت ۽ اسباب موجود ٿي نٿو سگهي، تڏهن ڊگهي حياتي مان ڇا حاصل؟

ڍونڍ ڌارا ڳجهه، کي ڇا حالص حياتي مان ٿئي.
ڪهڙو ماڻهو کي مزو جي ٿي ڊگهي ان جي ڄمار.

پر شايد خدا جي مرضي آهي ته آءُ زياده رهان، شايد منهنجي پينشن ٻارن کي ڪم اچي ٿي يا جيڪي لکان پڙهان ٿو تنهن مان خلق کي فيض ۽ فائدي پهچڻو آهي، جو منهجا گهنا دوست مون کي خاص طرح دعا ڪندا آهن ته زياده جيئرو رهان، شايد انهي جي دعا خدا وٽ اگهاڻي آهي، اگرچه ٻڍاپو ۽ پيري تڪليف جا سبب آهن ته به اهي آءُ بدلائي پنهنجي لاءِ خوشي جا سبب ڪري ڇڏيندو آهيان، انهي بابت پيري جي نسبت ۾ پنهنجا ٻئي خيال تعريف ۽ شڪايت جا شعر ۾ آندا اٿم، جي هتي ڏيندس.

پيري جڏهن آئي، زندگاني وئي لنگهي،
قوت هئي جيڪا جسم جاني وئي لنگهي،
هاڻ موت جي لاءِ تيار ٿي ويهه ”پليچ“
موت آهي حياتي، جڏهن جواني وئي لنگهي.

محتاجي عجب، بري فقيري پيري،
بيشڪ آهي وڏپڻ ۽ صغيري پيري،
ناني کان پڇيم، خراب پيري يا موت،
ان دانهن ڪري چيو ته ”پيري، پيري“

پيري آئي ۽ عضوا سب چور ٿيا،
سڀ يار جواني جا ڀڄي دور ٿيا،
هر وقت قبر جي يادگيري ٿي رهي،
مشڪي جي هئا وار سي ڪافور ٿيا.

انهي جي جواب ۾ هاڻي پيري جي تعريف ٻڌو.

شاهي ٿي جواني ۽ فقيري پيري،
آزادي جواني ۽ اسيري پيري،
مشغولي مون کي شعر جي، خلوت موجود،
مون لاءِ چوان سچ، ٿي اميري پيري.

پيري آئي ۽ فڪر سڀ دور ٿيا،
تنها آءُ ٿيس ۽ پورا سڀ پور ٿيا،
ٿيو شغل فراغت ۽ بلاغت جو عجيب،
دل پنهنجي به خوش ۽ ٻيا به مسرور ٿيا.

پر جيتوڻيڪ پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ پيري کي ڦيرائي جواني ٿو ڪريان، ته به حقيقت ۽ سچ چوڻ کن رهي نٿو سگهجي.

جنهن ماڻي جواني تنهن کي پيري نه وڻي
پيري وڌو مون کي هاءِ منجهه فڪر گهڻي،
ٿئي زال جڏهن پير، ڄڻڻ کان ڪري بس،
هر لحظي هزار عيب پيري ٿي ڄڻي.

اهڙي حالت ۾ اگرچه ٻي طرح خوشوقت ۽ خوشحالي آهيان ته به مٿين ڳالهين ڪري غم ۾ گذارڻُ ٿو پوي، ۽ حال جي لاءِ توڙي آئينده جي لاءِ ڳڻتي رهي ٿي، اگرچه ڪوشش ڪري خلق جو خير گهريو اٿم، ۽ چڱن خيالن ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي عادت ڪئي اٿم ته بي بيشمار گناهه، قصور ۽ عيب سجهن ٿا، جن کان گهڻو ڊپ رهي ٿو، مگر قرآڻ جي حڪم موجب ”لا تقنطوامن رحمت الله“ تي ڀروسو رکي خداتعاليٰ کان بخشش جي اميد رکان ٿو، جنهن لاءِ توبهه ۽ پشيماني ڪندرو اچان، ۽ اميد ٿو رکان ته اهو مون کي معاف ڪندو ۽ جيڪي پنهنجا ننڍڙا ٻار يا وسطيدار ڇڏي ويندس، تن جي هو سنڀال ڪندو.

واري کان به وڌ گناهه جو ڪيا هئا مون،
ويٺس ڪري ڪنڌ هيٺ شرم ۽ ڊپ کون،
آواز ٿيو غيبي ته غم کان نه ”قليچ“
لائق ڪيا پنهنجا تو، اسين پنهنجا ٿا ڪريون.